اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڀارتي رياست بِهار ۾ عورت مسلمان جو حجاب لاهڻ واري واقعي تي ڀارت تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته هي واقعو ڀارت ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا ۽ عدم برداشت جو مظهر آهي. ڪالهه ”وي نيوز انگلش“ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ وفاقي وزير چيو ته هي نهايت افسوسناڪ واقعو منظرعام تي آيو آهي، جنهن ۾ …
ڀارتي رياست بِهار ۾ عورت مسلمان جو حجاب لاهڻ جو واقعو ڀارت ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا ۽ عدم برداشت جو مظهر آهي: عطاءُ الله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ڀارتي رياست بِهار ۾ عورت مسلمان جو حجاب لاهڻ واري واقعي تي ڀارت تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته هي واقعو ڀارت ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا ۽ عدم برداشت جو مظهر آهي. ڪالهه ”وي نيوز انگلش“ کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ وفاقي وزير چيو ته هي نهايت افسوسناڪ واقعو منظرعام تي آيو آهي، جنهن ۾ هڪ مسلمان ميڊيڪل گريجوئيٽ شاگردياڻيءَ کي زبردستي حجاب لاهڻ تي مجبور ڪيو ويو. هن چيو ته ڀارت اخلاقي ڏيوالپڻي، شديد سماجي ورڇ ۽ انتهاپسنديءَ جو شڪار ٿي چڪو آهي، جڏهن ته بِهار جي وڏي وزير نتيش ڪمار جهڙي سينيئر سياسي اڳواڻ طرفان ان نوعيت جو طرزِ عمل انتهائي مذمت جوڳو آهي. وفاقي وزير چيو ته هي واقعو ڀارت ۾ وڌندڙ اسلاموفوبيا جو واضح مثال آهي جنهن کي ناڪاري پروپيگنڊا ۽ بگاڙيل شڪل بيانيي ذريعي وَڌاءُ ڏني پئي وڃي. هن چيو ته پرڏيهي آفيس ان واقعي جي باضابطه مذمت ڪئي آهي، جنهن کان پوءِ اسلام آباد طرفان سفارتي سطح تي ردِعمل ڏنو ويو آهي. هن چيو ته اهڙيءَ طرح جي فعل جو ڪو جواز نٿو ٿي سگهي، اهڙن واقعن کي ڌار نه ڏسڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته عام طور تي هي منظم پروپيگنڊا ۽ بدليل شڪل بيانيي سان جڙيل هوندا آهن، جنهن کي ڊجيٽل پليٽ فارمز ذريعي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو ويندو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان کي ڀارت طرفان مسلسل انفارميشن وار افيئر کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، خاص ڪري ٻنهي ايٽمي طاقتن پاڙيسري ملڪن وچ ۾ ڇڪتاڻ دوران. هن چيو ته غلط ڄاڻ ۽ حد کان وڏي دعويٰ نه صرف ملڪي پر عالمي راءِ کي متاثر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا پئي وڃي. پاڪستان طرفان حق جي ويڙهه جو حوالو ڏيندي وفاقي وزير چيو ته ان ڇڪتاڻ دوران سڌ سماءَ وارو ميدان سفارتي ۽ عسڪري دٻاءُ سان هڪ اهم محاذ طور تي اُڀريو. هن چيو ته ڇِڪتاڻ دوران ڀارتي ميڊيا ۽ آن لائن ذريعن پاران ڪوڙ تي ٻڌل ۽ گمراهه ڪندڙ دعويٰ وڏي پيماني تي ڦهلائي وئي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته ڀارت جي ڄاڻ جي مربوط حڪمت عملي جي فقدان سبب غلط رپورٽون گردش ڪن ٿيون، جنهن سان آخر ڪار نئين دهلي جي عالمي ساک متاثر ٿي. وفاقي وزير پاڪستان جي نُڪته نظر کي اجاگر ڪندي چيو ته هتي وقت سر ۽ تصديق ٿيل ڄاڻ جاري ڪرڻ کي ترجيح ڏني وئي. هن ٻُڌايو ته ڇڪتاڻ دوران پاڪستان مربوط مواصلاتي حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم آفيس، پرڏيهي وزارت، سڌ سماءَ واري وزارت ۽ پاڪ فوج جي ميڊيا ونگ آءِ ايس پي آر وچ ۾ مڪمل هم آهنگي ڪئي وئي. هن چيو ته وزيراعظم پهلگام واقعي جي منصفاڻي ۽ غير جانبداراڻي جاچ جي آڇ ڪئي ۽ سفارتي رابطا باقاعده ميڊيا بريفنگ سان جاري رکيا ويا. ڄاڻ کي ادارن وچ ۾ وقت سر شيئر ڪيو ويو ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽرز ۽ عالمي ميڊيا ادارن تائين فوري طور تي فراهم ڪيو ويو. وفاقي وزير پاڪستان جي ميڊيا طرفان ڄاڻ کي ذميداريءَ سان نشر ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته عالمي ميڊيا به اسلام آباد جي پيش ڪيل رپورٽن تي ڀاڙي ٿي ڇاڪاڻ ته اها تصديق ٿيل حيقتن تي ٻَڌل هيون. هن چيو ته ملڪي سطح تي پاڪستان جي حڪومت ڇڪتاڻ دوران سياسي يڪجهتي تي زور ڀريو، جڏهن ڀارت ۾ سياسي ورڇ سندس پيغامن جي هم آهنگي کي متاثر ڪيو. هن چيو ته پاڪستان غلط ڄاڻ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل ٽولز تي وڌيڪ ڀاڙيو، جڏهن ته ڀارتي عملدارن پاڪستاني يوٽيوب چينلز ۽ ڪمنٽيٽرز تي پابندي لاڳو ڪئي ته پاڪستان ڀارت ۾ ڊجيٽل اشتهارن ذريعي سڌيءَ ريت ڀارتي ناظرين تائين پاڪستاني مواد پهچايو. هن چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج کي ڏيکاريو ويندڙ مواد لکين ناظرين تائين پهتو ۽ ڀارت ۾ مقامي پليٽ فارمز تي پاڪستاني بيانيي جي اهميت ۽ مباحثي کي جنم ڏنو. هن چيو ته انهن قدمن هڪ ٻئي سان واڳيل ميڊيا ماحول ۾ ڊجيٽل سينسرشپ جي حدن کي ظاهر ڪيو. هن چيو ته حڪومت غلط رپورٽنگ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ حقيقتن واري جاچ پڙتال کي پنهنجي طريقيڪار ۾ فعال ڪيو آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته سڌ سماءَ واري وزارت آفيشل ”فيڪ نيوز بسٽر“ سوشل ميڊيا اڪائونٽس ۽ هڪ مخصوص ويريفيڪيشن سيل قائم ڪيو آهي جيڪو ڊجيٽل پليٽ فارمز جي نگراني، غلط ڄاڻ جي مواد جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏوگڏ درستگيون جاري ڪندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عملدار عالمي نيوز ايجنسين جي صحافين سان باقاعده رابطا ۾ رهندا آهن ته جين وقت سر وضاحت ۽ درست رپورٽنگ کي يقيني بڻائي سگهجي. حڪومت جي انفارميشن پاليسي ۽ ڊجيٽل ڊپارٽمينٽ جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته اهي قدم پاڪستان جي انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن پاليسي جي وسيع ري اسٽرڪچرنگ جو حصو آهن. هن چيو ته حڪومت انتظامي قانونن ۾ ترميم کانپوءِ پاڪستان جو پهريون سرڪاري ڊجيٽل ڪميونيڪيشن ڊپارٽمينٽ قائم ڪيو. هي ڊپارٽمينٽ هڪ مرڪزي حب طور تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن ۾ ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽمز، مواد جي تياريءَ جون سهولتون، پوڊ ڪاسٽ اسٽوڊيو ۽ ڊجيٽل ميڊيا اسپيشلسٽ ۽ انفلوئنسرز جون ان هائوس ٽيمون موجود آهن. ان ڊپارٽمينٽ جو ڪردار بياني جي نگراني ڪرڻ، پيغامن کي هم آهنگ ڪرڻ ۽ معمول جي حڪومتي معاملن ۽ ڇڪتاڻ واري صورتحال ۾ تصديق ٿيل ڄاڻ کي فوري طور تي پهچائڻ آهي. هن ان ڊپارٽمينٽ کي هڪ ”nerve centre“ قرار ڏنو جيڪو ڀارت سان ڇڪتاڻ دوران خاص طور تي اثرائتو ثابت ٿيو ڇاڪاڻ ته ان مختلف رياستي ادارن کي هڪ واحد ڪميونيڪيشن فريم ورڪ تحت ڪم ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي. وفاقي وزير چيو ته موجوده حڪومت جي حڪمت عملي ماضيءَ جي حڪومت کان مختلف آهي جيڪا صرف روايتي پريس بريفنگز ۽ ردِعمل تي ٻَڌل ڪميونيڪيشن اسٽريٽجي تي ڀاڙي ٿي. هن چيو ته اڳوڻين حڪومتن وٽ مستقل ڊجيٽل موجودگي نه هئي ۽ هو بحران جي وقت وقتي بنيادن تي ردِعمل ظاهر ڪنديون هيون. موجوده حڪومت عملي ۾ اڳواٽ ڊجيٽل مشغوليت، ادارن وچ ۾ هم آهنگي ۽ فوري فيڪٽ چيڪنگ کي حڪمراني جي بنيادي عنصرن طور تي ترجيح ڏني آهي. وفاقي وزير چيو ته انفارميشن پاليسي حڪومت جي وسيع تر مقصدن سان هم آهنگ آهي، جنهن ۾ سفارتڪاري، اقتصادي بحالي ۽ عالمي ساک جا انتظام شامل آهن. هن غلط ڄاڻ خلاف عالمي سطح تي هم آهنگ ردِعمل جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته ڊس انفارميشن، اسلاموفوبيا ۽ ڊجيٽل پروپيگنڊا عالمي چئلينجز آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان انهن مسئلن کي گڏيل قومن ۽ اسلامي سهڪار تنظيم جهڙن فورمز تي لڳاتار اُٿاريو. هن گڏيل معيار طئي ڪرڻ، مضبوط عالمي سهڪار قائم ڪرڻ ۽ سوشل ميڊيا ڪمپنين جي وڌيڪ جوابداهي يقيني بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان مؤثر رابطا ۽ معتبر ڄاڻ جي انتظام کي قومي مفادن جي تحفظ ۽ عالمي سطح تي پنهنجي مؤقف کي مضبوط بنائڻ لاءِ انتهائي اهم سمجهي ٿو.










