ڊان ميڊيا گروپ کي گذريل 13 مهينن ۾ 860 ملين رپين جا اشتهار جاري ڪيا ويا: عطاءُ الله تارڙ

اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڊان ميڊيا گروپ گذريل 13 مهينن دوران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان تقريبن 860 ملين رپيا اشتهارن جي مد ۾ وصول ڪيا. ڪالهه ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته هي معاملو رڪارڊ تي آهي ۽ ان حوالي سان سمورا تفصيل شيئر ڪري سگهجن ٿا. سرڪاري اشتهارن جي ورڇ بابت ڳالهائيندي …

اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته ڊان ميڊيا گروپ گذريل 13 مهينن دوران وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان تقريبن 860 ملين رپيا اشتهارن جي مد ۾ وصول ڪيا. ڪالهه ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته هي معاملو رڪارڊ تي آهي ۽ ان حوالي سان سمورا تفصيل شيئر ڪري سگهجن ٿا. سرڪاري اشتهارن جي ورڇ بابت ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته ڪجهه ميڊيا ادارا ٻين ادارن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ اشتهار وصول ڪن ٿا، جڏهن ته ميڊيا هائوسز لاءِ ضروري آهي ته هو ڪارپوريٽ گورننس ۽ مالي خودمختياري کي ترجيح ڏين. ميڊيا هائوس جو پنهنجو پائيدار ماڊل هئڻ گهرجي. ڪنهن به ميڊيا گروپ لاءِ مڪمل طور تي سرڪاري اشتهارن تي ڀاڙڻ عملو جوڳو ناهي. وفاقي وزير چيو ته ڊان ميڊيا هڪ وڏو گروپ آهي، گذريل 13 مهينن ۾ 860 ملين رپيا اشتهارن جي مد ۾ وصول ڪرڻ باوجود ملازمن کي فارغ ڪيو پيو وڃي، هي انهن جو اندروني معاملو آهي. وفاقي وزير واضح ڪيو ته ان گروپ کي سرڪاري اشتهارن جي جاري ٿيڻ تي ڪا پابندي ناهي ۽ ڪيتريون ئي مهمون هن وقت به جاري آهن.

مزید خبریں