عالمي بينڪ پاران پاڪستان جي لاءِ 700 ملين ڊالر جي منظوري

اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) عالمي بينڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز پاڪستان جي لاءِ 700 ملين ڊالر جي مالي مدد جي منظوري ڏني آهي، اها فنڊنگ پاڪستان پبلڪ ريسورسز فار انڪلوزيو ڊولپمينٽ ملٽي فيز پروگراميٽڪ اپروچ (پي آر آءِ ڊي -ايم پي اي) تحت  فراهم ڪئي ويندي، جنهن جو مقصد معاشي استحڪام کي مضبوط ڪرڻ ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي. بينڪ پاران جاري ڪيل …

اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) عالمي بينڪ جي بورڊ آف ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز پاڪستان جي لاءِ 700 ملين ڊالر جي مالي مدد جي منظوري ڏني آهي، اها فنڊنگ پاڪستان پبلڪ ريسورسز فار انڪلوزيو ڊولپمينٽ ملٽي فيز پروگراميٽڪ اپروچ (پي آر آءِ ڊي -ايم پي اي) تحت  فراهم ڪئي ويندي، جنهن جو مقصد معاشي استحڪام کي مضبوط ڪرڻ ۽ عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائڻ آهي. بينڪ پاران جاري ڪيل بيان موجب، پي آر آءِ ڊي -ايم پي اي هڪ جديد قومي پروگرام آهي جيڪو وفاقي ۽ صوبائي سطح تي سڌارن جي مدد ڪندو ته جيئن مُلڪي ٽيڪسز ۾ اضافو ڪري سگهجي، خرچن جي معيار ۾ بهتري، ۽ ڊيٽا ۽ ڊجيٽل اوزارن ذريعي خدمتن جي موثر پهچ ممڪن بڻائي سگهجي. اهو پروگرام جاري مالي سڌارن کي پورو ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي ۽ آءِ ايم ايف جي ايڪسٽينڊڊ فنڊ فيسيلٽي (اي ايف ايف) پروگرام ۽ قومي مالي پيڪيج سان هڪجهڙائي رکي ٿو. مجموعي طور تي، هن ايم پي اي تحت 1.35 ارب ڊالر تائين جي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي. ان مان 600 ملين ڊالر وفاقي پروگرامن جڏهن ته 100 ملين ڊالر خاص طور تي سنڌ جي صوبائي پروگرام لاءِ منظور ڪيا ويا آهن. پروگرام جي نتيجن تي ٻڌل ڊيزائن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿي ته رقم صرف ان وقت جاري ٿيندي جڏهن مقرر هدف حاصل ٿين.

مزید خبریں