نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس، مختلف شعبن سان لاڳاپيل 11 منصوبن جي منظوري

اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس  منعقد ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي مختلف شعبن سان لاڳاپيل 11 منصوبن جي منظوري ڏني، جنهن ۾ ٽرانسپورٽ، مواصلات ۽ ماحوليات پڻ شامل آهن. ڪميٽي داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي نظر ثاني ٿيل پي سي ون …

اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي جو اجلاس  منعقد ٿيو. نائب وزيراعظم جي آفيس مان جاري ڪيل بيان موجب قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيڪيٽو ڪميٽي مختلف شعبن سان لاڳاپيل 11 منصوبن جي منظوري ڏني، جنهن ۾ ٽرانسپورٽ، مواصلات ۽ ماحوليات پڻ شامل آهن. ڪميٽي داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ جي نظر ثاني ٿيل پي سي ون جي پڻ منظوري ڏني. ايڪنڪ ساليانو 20 هزار نوجوانن لاءِ انجنيئرنگ جي سکيا جي موقعن بابت هڪ پاليسي پيپر جي پڻ منظوري ڏني جنهن کي ترقياتي منصوبن ۾ شامل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ رٿابندي واري وزير، وزيراعظم جي خاص صلاحڪار طارق باجوه، سنڌ ۽ ڪي پي ڪي جي وزيرن سميت  لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽريز ۽ ترقياتي ادارن جي سربراهن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں