اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطالله تارڙ تاجڪستان سان ڊجيٽل ميڊيا جي شعبي ۾ سهڪاروڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڊجيٽل ميڊيا موجوده دور ۾ عوامي رابطي، ثقافتي هم آهنگي ۽ مثبت بياني کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان ثقافتي سفارتڪاري کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن تاجڪستان جي ثقافت …
پاڪستان ثقافتي سفارتڪاري کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو: اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطالله تارڙ

مزید خبریں
اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطالله تارڙ تاجڪستان سان ڊجيٽل ميڊيا جي شعبي ۾ سهڪاروڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ڊجيٽل ميڊيا موجوده دور ۾ عوامي رابطي، ثقافتي هم آهنگي ۽ مثبت بياني کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستان ثقافتي سفارتڪاري کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن تاجڪستان جي ثقافت واري وزير ستاريون مطلوبخون امون سان ملاقات دوران ڪيو، جيڪو اڄڪلهه تاجڪ ثقافتي هفتو ملهائڻ لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي، ملاقات ۾ ٻطرفي سهڪار، ڊجيٽل ميڊيا ۾ حصيداري ، ميڊيا رابطن کي هٿي ڏيڻ، ٻطرفن لاڳاپن ۽ ٻطرفي ادبي ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ ان کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ تاجڪستان وچ ۾ ثقافتي، ميڊيا سهڪار ۽ عوامي رابطي کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ تي زور ڀريو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پاڪ تاجڪ هفتو منعقد ٿيڻ تي تاجڪستان جي ثقافت واري وزير کي مبارڪون ڏيندي چيو ته تاجڪ صدر امام علي رحمان ۽ پاڪستان جي وزيراعظم محمد شهباز شريف وچ ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو هو ته پاڪستان ۾ تاجڪستان جو ثقافتي هفتو ملهايو ويندو. هن چيو ته پاڪ تاجڪ ڪلچرل فيسٽيول جهڙا پروگرام ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ رابطن ۽ ثقافتي سهڪار کي وڌيڪ وڌائڻ لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿا. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ صدين تي ٻڌل قديم، گهرا تاريخي ۽ ثقافتي رابطا آهن، پاڪستان ثقافتي سفارتڪاري کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. ملاقات ۾ تاجڪستان جي صدر جي پاڪستان جي متوقع دوري جي موقعي تي ثقافتي سهڪار کي هٿي ڏيڻ لاءِ باقاعده معاهدا طئي ڪرڻ تي به اتفاق ٿيو. وفاقي وزير چيو ته علامه محمد اقبال جي شاعري پاڪستان ۽ تاجڪستان جي عوام وچ ۾ فڪري هم آهنگي ۽ گڏيل قربت جي علامت آهي، فارسي جا عظيم شعر ٻنهي ملڪن ۾ قدر ۽ احترام جي نظر سان ڏٺا وڃن ٿا، ٻئي ڀائر ملڪ ان گڏيل ادبي ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ ان کي هٿي ڏيڻ کي اهميت ڏين ٿا. تاجڪستان جي ثقافت واري وزير سڌ سماءُ واري وزير جو تاجڪ فيسٽيول هفتو منعقد ڪرڻ ۾ سهڪار تي ٿورو مڃيندي چيو ته تاجڪستان پاڪستان سان ثقافتي مٽا سٽا ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي شعبي ۾ ويجهو سهڪار جاري رکندو. هن چيو ته گڏيل ادبي ۽ ثقافتي ورثي کي ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ لاءِ اجاگر ڪيو ويندو. ملاقات ۾ تاجڪستان جو سفير شريف زاده يوسف توئر، موسمياتي تبديلي بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، اطلاعات ۽ نشريات وارو بابت سيڪريٽري اشفاق احمد خليل، ڊائريڪٽر جنرل اي پي ونگ، ڊائريڪٽر جنرل ڊائريڪٽوريٽ آف اليڪٽرانڪ ميڊيا اينڊ پبليڪيشنز ۽ ٻيا به موجود هئا.










