اسلام آباد-20 (اي پي پي) پاڪستان جي خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري بختاور ڪيڊٽ ڪاليج جي پنجين پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته هن اتي تعمير ٿيل نئين جمنازيم ۽ سوئمنگ پول جو پڻ افتتاح ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ٿيل بيان موجب خاتون اول ان موقعي تي چيو ته بختاور ڪيڊيٽ ڪاليج ۾ نياڻين کي تعليم ڏئي انهن کي با …
خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري جي بختاور ڪيڊٽ ڪاليج جي پنجين پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ شرڪت، نئين جمنازيم ۽ سوئمنگ پول جو افتتاح

مزید خبریں
اسلام آباد-20 (اي پي پي) پاڪستان جي خاتون اول ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري بختاور ڪيڊٽ ڪاليج جي پنجين پاسنگ آئوٽ پريڊ ۾ شرڪت ڪئي جڏهن ته هن اتي تعمير ٿيل نئين جمنازيم ۽ سوئمنگ پول جو پڻ افتتاح ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ٿيل بيان موجب خاتون اول ان موقعي تي چيو ته بختاور ڪيڊيٽ ڪاليج ۾ نياڻين کي تعليم ڏئي انهن کي با اختيار بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته ڪيڊيٽ ڪاليج سڄي ملڪ مان 423 شاگردن کي تعليم فراهم ڪري رهيو آهي. عورتن کي بااختيار بڻائڻ پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهي. هن ان موقعي تي آرٽ اينڊ سائنس ايگزيبيشن جو پڻ افتتاح ڪيو.










