اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان زرعي شعبي خاص ڪري باغ پوکڻ (هارٽيڪلچر) ۾ ڊجيٽل جدت ۽ علم جي واڌاري طرف هڪ اهم اڳڀرائي طور پاڪستان هارٽيڪلچر ڊولپمينٽ اينڊ ايڪسپورٽ ڪمپني (پي ايڇ ڊي اي سي) جي پهرين پوڊ ڪاسٽ سيريز جو افتتاح ڪري ڇڏيو. واپار واري وزارت طرفان جاري بيان موجب اهو واپار واري وزارت تحت پهريون پوڊ ڪاسٽ قدم آهي جنهن …
واپار واري وفاقي وزير پاران وزارت جي پهرين پوڊ ڪاسٽ سيريز جو افتتاح

مزید خبریں
اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان زرعي شعبي خاص ڪري باغ پوکڻ (هارٽيڪلچر) ۾ ڊجيٽل جدت ۽ علم جي واڌاري طرف هڪ اهم اڳڀرائي طور پاڪستان هارٽيڪلچر ڊولپمينٽ اينڊ ايڪسپورٽ ڪمپني (پي ايڇ ڊي اي سي) جي پهرين پوڊ ڪاسٽ سيريز جو افتتاح ڪري ڇڏيو. واپار واري وزارت طرفان جاري بيان موجب اهو واپار واري وزارت تحت پهريون پوڊ ڪاسٽ قدم آهي جنهن جو مقصد پاڪستان جي باغن واري شعبي ۾ آگاهي وڌائڻ، بهترين طريقيڪار شيئر ڪرڻ ۽ پائيدار ترقي کي هٿي ڏيڻ آهي. باغ پوکڻ جي عنوان سان شروع ٿيل هي پوڊ ڪاسٽ هارين، روانگي واپار ڪندڙن، محققن ۽ پاليسي سازن سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين لاءِ موثر پليٽ فارم ثابت ٿيندو. ان ۾ پائيدار پوکي، روانگي واپار جي حڪمت عملي، ويليو ايڊيشن، فصل کانپوءِ جي نقصانن ۾ گهٽتائي ۽ موسمياتي تبديلي جي اثرن جهڙن اهم موضوعن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه شامل هوندي. مشهور زرعي ملڪن جي عالمي ماهرن کي مهمان طور دعوت ڏني ويندي ته جيئن عالمي تجربا ۽ جديد حل پيش ڪري سگهجن جنهن سان مواد وڌيڪ جامع ۽ موثر بڻجندو. پي ايڇ ڊي اي سي جو ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي تحت سيڪشن 42 ڪمپني طور قائم آهي، باغ پوکڻ جي ترقي ۽ روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۾ پهرين صف جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اداري جي نمايان ڪاميابين ۾ فروٽ ڊي هائيڊريشن يونٽس قائم ڪرڻ، ايران کي ڪيلو ايڪسپورٽ ڪرڻ ۾ سهولت، هڪ ملين کان وڌيڪ انب ۽ ڪيلي جي بيگنگ بيگز جي ورهاست ۽ سڄي ملڪ ۾ 100 کان وڌيڪ تربيتي ورڪشاپس جهڙوڪ ڪلائميٽ سمارٽ قسم، موثر آبپاشي ۽ عالمي معيار ۽ HACCP جي تعميل کي عام ڪيو ويندو. واپار واري وزارت شعبي جي مدد لاءِ جديد قدمن کي ترجيح ڏئي رهي آهي جن ۾ اي ڪامرس کي هٿي ڏيڻ، يورپي يونين ۽ وچ اوڀر جهڙن پريميم خطن تائين مارڪيٽ پهچ ۽ ايف اي او سميت عالمي ادارن سان تعاون شامل آهي، پوڊ ڪاسٽ جا قسم وڏي اسٽريمنگ پليٽ فارمز تي دستياب هوندا جڏهن ته پهرين قسط ۾ انب، کٽا ميوا (سٽرس) ۽ پٽاٽي جهڙن اهم فصلن جي پيداوار ۾ اضافو بحث هيٺ ايندو. ميوون ۽ ڀاڄين جا مختلف قسم ۽ چين ڏانهن چيري ايڪسپورٽ ۽ سولر ڊي هائيڊريشن يونٽس جهڙن ڪامياب منصوبن جي بيناد تي هي پليٽ فارم ايندڙ ٽن سالن ۾ باغن مان حاصل ٿيندڙ فصل جي روانگي واپار کي 2 ارب ڊالرن تائين پهچائڻ جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ تيزي آڻيندو. هي قدم حڪومت جي ان ويزن جي عڪاسي به ڪري ٿو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون، نجي شعبي ۽ هارين جي گڏيل سهڪار سان عالمي ميوون ۽ ڀاڄي جي مارڪيٽ جنهن جو ڳاڻيٽو 2034ع تائين 388 ارب ڊالرن تائين متوقع آهي، ۾ پاڪستان جو حصو وڌائيندو. واپار واري وزارت جي هيڊڪوارٽرز ۾ منعقد افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان پوڊ ڪاسٽ ذريعي علمي خال ڀرڻ ۽ باغ پوکيندڙ برادري کي بااختيار بڻائڻ تي زور ڀريو. هن چيو ته هي پوڊ ڪاسٽ واپار واري وزارت جي ان عزم جو ثبوت آهي ته اسان ڊجيٽل دور جي گهرجن سان هم آهنگ جديد حڪمت عملين کي اختيار ڪرڻ، ننڍن آبادگارن کان وٺي عالمي حصيدارن تائين سمورن ڌرين کي ڊجيٽل طور تي ڳنڍي اسان تعليم، ترغيب ۽ پاڪستان جي باغ پوکڻ واري شعبي کي عالمي ايڪسپورٽ قوت ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا.










