اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته جولاءِ 2010ع کان نومبر 2025ع تائين ورڇ جوڳي پول مان خيبرپختونخوا کي گڏيل طور تي 5 هزار 867 ارب روپيا منتقل ڪيا ويا جيڪي وفاق پاران صوبي جي مالي حقن جي وقت سر ۽ مستقل ادائيگي جو واضح ثبوت آهي، جڏهن ته انهي مدي دوران دهشتگردي خلاف جنگ جي حوالي سان 705 ارب روپين جي اضافي رقم پڻ …
خيبرپختونخوا کي جولاءِ 2010ع کان نومبر 2025ع تائين ورڇ جوڳي پول مان 5 هزار 867 ارب، دهشتگردي خلاف جنگ جي مد ۾ منقتل ڪيا ويا: ناڻي واري وفاقي وزارت

مزید خبریں
اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي واري وزارت چيو آهي ته جولاءِ 2010ع کان نومبر 2025ع تائين ورڇ جوڳي پول مان خيبرپختونخوا کي گڏيل طور تي 5 هزار 867 ارب روپيا منتقل ڪيا ويا جيڪي وفاق پاران صوبي جي مالي حقن جي وقت سر ۽ مستقل ادائيگي جو واضح ثبوت آهي، جڏهن ته انهي مدي دوران دهشتگردي خلاف جنگ جي حوالي سان 705 ارب روپين جي اضافي رقم پڻ فراهم ڪئي وئي ته جيئن صوبي ۾ امن امان جي بحالي، سيڪيورٽي، سماجي ۽ معاشي نقصانن جي ازالي ۾ مدد فراهم ڪري سگهجي، اهي وسيلا قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ تحت ۽ وفاقي حڪومت جي خاص قدمن ذريعي منتقل ڪيا ويا آهن. ناڻي واري وزارت مان جاري ٿيل بيان موجب وفاقي حڪومت پاران اين ايف سي ايوارڊ ۽ اضافي وفاقي مدد تحت خيبرپختونخوا کي وقت تي ۽ تسلسل سان فنڊن جي منتقلي يقيني بڻائي پئي وڃي، پاڪستان حڪومت پاران ناڻي واري وزارت ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته قومي مالياتي ڪميشن ايوارڊ ۽ ان کان وڌي ڪري خيبرپختونخوا صوبي کي وقت تي مالي وسيلن جي منتقلي کي يقيني بڻايو پيو وڃي. اهو قدم وفاق جي ان پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو ته صوبائي ترقي، مالي استحڪام ۽ تڪرارن کانپوءِ بحالي جي عمل ۾ صوبي جي مڪمل مدد ڪئي وڃي. ستين اين ايف سي ايوارڊ تحت صوبائي ورڇ جوڳي پول مان خيبرپختونخوا جو حصو 14.62 سيڪڙو حصو مقرر ڪيو ويو هو، دهشتگردي خلاف جنگ دوران صوبي تي پيل غير معمولي بار جي اعتراف طور اضافي هڪ سيڪڙو حصو خاص طور تي ڪي پي ڪي لاءِ مختص ڪيو ويو. جيتوڻيڪ اين ايف سي ايوارڊ حقيقي طور تي پنجن سالن لاءِ تيار ڪيو ويو هو جڏهن ته اٺين، نائين ۽ ڏهين اين ايف سي ايوارڊز تي اتفاق راءِ نه ٿيڻ سبب ستين اين ايف سي ايوارڊ جو فريم ورڪ اڃان تائين لاڳو آهي. خيبرپختونخوا کي پنهنجو حصو دهشتگردي خلاف جنگ لاءِ اضافي الاٽمينٽ لڳاتار ملي رهيو آهي. وفاقي حڪومت صوبائي اين ايف سي شيئرز جي ادائيگي 15 ڏينهن جي بنيادن تي ڪندي آهي ۽ ان حوالي سان ڪي به رهتون موجود ناهن. تازو ئي (17 ڊسمبر 2025ع) تي ڪي پي ڪي حڪومت کي 46.44 ارب روپيا جاري ڪيا ويا جيڪي وقت تي ادائيگي واري وفاقي عزم جو ثبوت آهي. ستين اين ايف سي ايوارڊ تحت منتقليون جولاءِ 2010ع کان 2025ع تائين ورڇ جوڳي پول مان ڪي پي ڪي کي گڏيل طور تي 5 هزار 867 ارب روپيا منتقل ڪيا ويا. ان عرصي دوران دهشتگردي خلاف جنگ جي مد ۾ 705 ارب روپيا فراهم ڪيا ويا جيڪي صوبي جي قربانين ۽ ذميوارين جي اعتراف جو ثبوت آهي. جولاءِ 2010ع کان نومبر 2025ع تائين تيل ۽ گئس جي رائلٽيز، گئس ڊولپمينٽ سرچارج، قدرتي گئس تي ايڪسائيز ڊيوٽي ۽ ٻين لاڳاپيل مدن تحت 482.78 ارب روپيا منتقل ڪيا ويا، اين ايف سي کان سواءِ اضافي وفاقي مدد به ڪي پي ڪي کي فراهم ڪئي پئي وڃي، ستين اين ايف سي ايوارڊ کانپوءِ اڳوڻي فاٽا جي خيبرپختونخوا ۾ ضم ٿيڻ ۽ نئين اين ايف سي فارمولي جي عدم موجودگي سبب وفاقي حڪومت پنهنجي اين ايف سي حصي مان نون ضم ٿيل ضلعن جا خرچ برداشت ڪري رهي آهي، 2019ع کان وٺي هن وقت تائين اين ايم ڊيز لاءِ ڪي پي ڪي جي حڪومت کي 704 ارب روپيا منتقل ڪيا ويا آهن، آءِ ڊي پيز جي مدد لاءِ مختلف دورن ۾ 117.166 ارب روپيا فراهم ڪيا ويا، گذريل 15 سالن ۾ وفاقي حڪومت پي ايس ڊي پي تحت ترقياتي منصوبن لاءِ 115 ارب روپيا مختص ڪيا. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي 2016ع کان 2025ع تائين ڪي پي ڪي ۾ 481.433 ارب روپيا بنا شرط ۽ شرط جوڳي روڪ امداد جي صورت ۾ خرچ ڪيا ويا جنهن سان ڪمزور گهراڻن کي اهم سماجي تحفظ فراهم ڪيو ويو. 11 هين اين ايف سي ايوارڊ تي اڳڀرائي، وفاقي حڪومت اين ايف سي فريم ورڪ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ جامع مشاورت جي عزم تي قائم آهي. 11 هون اين ايف سي ايوارڊ 22 آگسٽ 2025ع تي صدر پاڪستان جوڙيو جڏهن ته ان جو پهريون اجلاس 4 ڊسمبر 2025ع تي ٿيو، اجلاس ۾ اڳوڻي فاٽا/نون ضم ٿيل ضلعن جي انضمام ۽ ورڇ جوڳي پول مان انهن جي حصي بابت سفارشن لاءِ هڪ خصوصي ذيلي گروپ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. خيبرپختونخوا حڪومت جي درخواست تي ان ذيلي گروپ جو پهريون اجلاس 23 ڊسمبر 2025ع تي ٿيندو جنهن جي سربراهي خيبرپختونخوا جو ناڻي وارو وزير ڪنوينر طور ڪندو، هي قدم گڏيل تعاون ۽ شفافيت ذريعي باقي مالي معاملن جي حل طرف هڪ مثبت قدم آهي. ناڻي واري وزارت ان ڳالهه کي ورجائي ٿي ته وفاقي حڪومت منصفاڻي وسيلن جي ورڇ، مالي وفاقيت ۽ خيبرپختونخوا صوبي جي مسلسل مدد لاءِ پوري طرح پرعزم آهي، ته جيئن سلامتي جي چئلينجز، بي دخلي ۽ انتظامي انضمام مان جنم وٺندڙ صوبائي ضرورتن کي وقت سر ۽ ذميواراڻي انداز ۾ پورو ڪري سگهجي.










