اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جو ڊجيٽل شعبو نمايان ڪاميابين سان ملڪي تاريخ جي سنهري دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي اثرائتين پاليسين سبب آءِ ٽي روانگي واپار ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سان پاڪستان خطي جي هڪ اڀرندڙ ڊجيٽل پاور طور سامهون اچي رهيو آهي. هلندڙ مالي سان جي شروعاتي پنج مهينن دوران آءِ ٽي …
پاڪستان جي ڊجيٽل معيشت مضبوط، آءِ ٽي روانگي واپار نئي تاريخ لکي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان جو ڊجيٽل شعبو نمايان ڪاميابين سان ملڪي تاريخ جي سنهري دور ۾ داخل ٿي چڪو آهي. اسپيشل انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي اثرائتين پاليسين سبب آءِ ٽي روانگي واپار ۾ تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جنهن سان پاڪستان خطي جي هڪ اڀرندڙ ڊجيٽل پاور طور سامهون اچي رهيو آهي. هلندڙ مالي سان جي شروعاتي پنج مهينن دوران آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 19 سيڪڙو جو تاريخي اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. جولاءِ کان نومبر 2025ع جي عرصي ۾ آءِ ٽي روانگي واپار جو مجموعي ڳاڻيٽو 1.8 بلين ڊالر تائين پهچي ويو، جيڪو ڊيجيٽل معيشت جي مضبوط بنيادن جو واضح ثبوت آهي. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان مطابق نومبر 2025ع ۾ آءِ ٽي روانگي واپار 356 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو عالمي مارڪيٽن ۾ پاڪستاني ٽيڪنالاجي انڊسٽري تي وڌندڙ اعتبار جي عڪاسي ڪري ٿو.










