اسلام آباد - 20 ڊسمبر (اي پي پي) واپڊا پاران مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا ويا، جن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 19 ھزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 25 ھزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار 600 ڪيوسڪ آھي، خيرآباد پل تي پاڻي …
دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) واپڊا پاران مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا ويا، جن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 19 ھزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 25 ھزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 7 هزار 600 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 7 هزار 600 ڪيوسڪ آھي، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 14 هزار 900 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 14 هزار 900 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 3 هزار 300 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 33 هزار ڪيوسڪ آھي، جڏھن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 5 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ ناھي رڪارڊ ڪيو ويو. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1486.11 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 2.487 ملين ايڪڙ فوٽ آھي. اھڙي طرح منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، ريزروائر ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1201.50 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جي ذخيرو 4.348 ملين ايڪڙ فوٽ جڏھن ته چشمه بئراج جي گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، ريزروائر ۾ پاڻي جي موجوده سطح 640.00 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.026 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.










