وزيراعظم پاران اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن پاران سيڪيورٽي فورسز جي ڪئمپ تي حملي جي شديد مذمت

لاهور - 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن پاران سيڪيورٽي فورسز جي ڪئمپ تي حملي جي شديد مذمت ڪندي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم فتنه الخوارج جي 4 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني. هن دهشتگردن جو مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ …

لاهور – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان ۾ فتنه الخوارج جي دهشتگردن پاران سيڪيورٽي فورسز جي ڪئمپ تي حملي جي شديد مذمت ڪندي حملي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم فتنه الخوارج جي 4 دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏني. هن دهشتگردن جو مقابلو ڪندي شهادت ماڻيندڙ پاڪ فوج جي حوالدار محمد وقاص، نائيڪ خانويز، سپاهي صفيان حيدر ۽ سپاهي رفعت کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم شهيدن جي درجن جي بلنديءَ لاءِ دعا ڪئي ۽ انهن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. وزيراعظم حملي ۾ زخمي ٿيندڙ شهرين جي جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعا ڪئي. هن چيو ته پوري قوم پنهنجي شهيدن کي سلام پيش ڪري ٿي، عزم استحڪام جي ويزن تحت سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف وڏيون ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي. وزيراعظم چيو ته دهشتگردي جي خلاف ان جنگ ۾ پوري قوم پاڪ فوج سان گڏ بيٺل آهي، پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد ۽ ملڪ مان هر قسم جي دهشتگردي جي مڪمل خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي.

مزید خبریں