افغانستان جي ڊپٽي هيڊ آف مشن جي پرڏيهي وزارت طلبي، دهشتگرد حملي جي شديد مذمت

اسلام آباد - 19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اتر وزيرستان ۾ فوجي ڪئمپ تي خارجي گل بهادر گروپ سان تعلق رکندڙ خوارج پاران ڪيل دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ چار جوان شهيد ٿيا، افغان سرزمين تان پاڪستان جي خلاف دهشتگرد حملن تي افغان طالبان رجيم کي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي افغانستان جي ڊپٽي هيڊ آف مشن کي پرڏيهي وزارت طلب ڪيو ويو. پرڏيهي …

اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان اتر وزيرستان ۾ فوجي ڪئمپ تي خارجي گل بهادر گروپ سان تعلق رکندڙ خوارج پاران ڪيل دهشتگرد حملي جي شديد مذمت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ چار جوان شهيد ٿيا، افغان سرزمين تان پاڪستان جي خلاف دهشتگرد حملن تي افغان طالبان رجيم کي شديد احتجاج رڪارڊ ڪرائيندي افغانستان جي ڊپٽي هيڊ آف مشن کي پرڏيهي وزارت طلب ڪيو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان کانپوءِ پرڏيهي وزارت افغان طالبان رجيم پاران فتنه الخوارج / تحريڪ طالبان پاڪستان کي مسلسل فراهم ڪئي ويندڙ حمايت ۽ سهولتڪاري تي پاڪستان جي گهري ڳڻتي کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته ان جي ڪري اهي دهشتگرد گروهه پاڪ – افغان سرحد ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڪستاني فوج ۽ شهري آبادي جي خلاف دهشتگرد ڪارروايون ڪري رهيا آهن. افغانستان ۾ فتنه الخوارج ۽ ٽي ٽي پي کي ميسر سازگار ماحول، افغانستان پاران ڪيل عالمي واعدن ۽ پاڪستان سان ان خاطري جي ابتڙ آهي ته افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ، بشمول پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏني ويندي. پاڪستان افغان سرزمين تان پاڪستان جي خلاف ڪيل دهشتگرد حملن ۾ ملوث عنصرن ۽ سهولتڪارن جي خلاف مڪمل جاچ ۽ فيصلائتي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي. افغان طالبان رجيم تي زور ڏنو ويو آهي ته اها پنهنجي سرزمين تان سرگرم سمورن دهشتگرد گروهن، بشمول انهن جي قيادت جي خلاف فوري، ٺوس ۽ قابل تصديق قدم کڻي ۽ افغان سرزمين کي پاڪستان جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪي. پرڏيهي وزارت افغان طالبان رجيم کي واضح لفظن ۾ آگاهه ڪيو ته پاڪستان پنهنجي خودمختياري جي دفاع ۽ پنهنجي شهرين جي تحفظ جو پورو حق محفوظ رکي ٿو ۽ افغان سرزمين تان جنم وٺندڙ دهشتگردي جي خلاف سمورا ضروري قدم کڻندو.

مزید خبریں