سڄي ملڪ ۾ ڊجيٽل رابطا ڪاري ۾ ٽيليڪام جي بنيادي ڍانچي جون ڪمپنيون اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن، نجي شعبي جي اڳواڻيءَ ۾ اؤسر لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ پُرعزم آهي: سينيٽر محمد اورنگزيب

اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت نجي شعبي جي اڳواڻيءَ ۾ خاص ڪري ٽيڪنالاجيءَ سان واڳيل ۽ سيڙپڪاريءَ جي وڌيڪ گهرجائو شعبن ۾ اؤسر لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ ڊجيٽل رابطا ڪاريءَ ۾ ٽيليڪام جي بنيادي ڍانچي جون ڪمپنيون اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن اها ڳالهه ٽيلي ڪميونيڪيشن انفراسٽرڪچر …

اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته حڪومت نجي شعبي جي اڳواڻيءَ ۾ خاص ڪري ٽيڪنالاجيءَ سان واڳيل ۽ سيڙپڪاريءَ جي وڌيڪ گهرجائو شعبن ۾ اؤسر لاءِ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي ۽ سڄي ملڪ ۾ ڊجيٽل رابطا ڪاريءَ ۾ ٽيليڪام جي بنيادي ڍانچي جون ڪمپنيون اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن اها ڳالهه ٽيلي ڪميونيڪيشن انفراسٽرڪچر ڪمپنين (ٽاور ڪو پاڪستان) ۽ وينچر ڪيپيٽل فرمز تي ٻَڌل وفد سان ملاقات ۾ چئي. ان موقعي تي شعبه جاتي اهم مسئلن تي خاص ڪري ٽيڪسيشن، سيڙپڪاريءَ جي ماحول ۽ ترقيءَ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ شريڪ وفد مختلف حصيدارن جي نمائندگي ڪري رهيا هئا. جن ۾ اهي ٽيليڪام انفراسٽرڪچر ڪمپنيون شامل هيون جيڪي موبائل نيٽ ورڪ ٽاورز تعمير ڪن ٿيون، ان جون ملڪيت رکن ٿيون ۽ کين موبائل نيٽ ورڪ آپريٽرز کي ليز تي ڏين ٿيون، اهي وينچر ڪيپيٽل فرمز به شامل هيون جيڪي پاڪستان جي اسٽارٽ اپ ايڪو سسٽم ۽ وسيع ڪاروباري منصوبن ۾ فعال طور سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن. ملاقات دوران شرڪت ڪندڙن پنهنجا پنهنجا ڪاروباري ماڊلز، آپريشنل حربا ۽ درپيش چئلينجز خاص طور تي اُهي مسئلا جيڪي فزيڪل انفراسٽرڪچر جي تنصيب ۽ ريگيوليٽري تعمير بابت آهن جو تفصيلي جائزو پيش ڪيو. وفد جي ميمبرن موجوده ٽيڪس نظام جي ڪيترن ئي پاسن کي معقول بڻائڻ ۽ نرمي آڻڻ بابت تجويزون پيش ڪيون، جن جو مقصد وڌيڪ ترقيءَ کي آسان بڻائڻ آهي. سيڙپڪاري جي وهڪري ۾ واڌ ڪرڻ ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن انفراسٽرڪچر ۽ـ وينچر ڪيپيٽل ٻنهي شعبن ۾ واڌ شامل آهي. اهي تجويزون ملڪ ۾ ڊجيٽل ڪنيڪٽوٽي کي مضبوط، خدمتن جي فراهمي کي بهتر ۽ جدت تي ٻَڌل معاشي سرگرمين کي هٿي ڏيڻ جي روشنيءَ ۾ پيش ڪيون ويون. ناڻي واري وزير ملڪ ۾ ڊجيٽل رابطا ڪاري جي قيام ۾ ٽيليڪام انفراسٽرڪچر ڪمپنين جي اهم ڪردار کي ساراهيو ۽ ڪاروباري سرگرمين ۽ مختلف قسم جي روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۾ وينچر ڪيپيٽل جي اهميت تي زور ڀريو. هن چيو ته ڊگهي مُدي جي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪرڻ ۽ـ ان شعبن جي پائيدار ترقيءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڳڪٿي جي قابل ۽ شفاف ۽ ترقي دوست پاليسي ۽ ٽيڪس فريم ورڪ اڻٽر آهن. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت نجي شعبي جي قيادت ۾ خاص ڪري ٽيڪنالاجي سان واڳيل سيڙپڪاري جي گهرجائو شعبن ۾ اؤسر جي حوالي سان پُرعزم آهي. هن چيو ته جيتوڻيڪ مالي گهرجون پنهنجي جڳهه تي اهم آهن پر مقصد هڪ متوازن حڪمت عملي اختيار ڪرڻ آهي جيڪو ڪاروباري توسيع جي حمايت ڪري، معيشت جي دستاويزي شڪل کي هٿي ڏئي ۽ وچ مُدي کان ڊگهي مُدي تائين پاڪستان جي ڊجيٽل ۽ مختلف قسمن جي ايڪو سسٽم کي مضبوط بڻائي. ملاقات دوران ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته هڪ خصوصي ورڪنگ گروپ جوڙيو ويندو جنهن ۾ ٽيڪس پاليسي آفيس ۽ـ ٻين لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز جا نمائندا شامل هوندا ته جيئن وفد طرفان پيش ڪيل تجويزن ۽ سفارشن جو تفصيلي جائزو وٺي سگهجي. هي ورڪنگ گروپ ان تجويزن جو غور سان تجزيو ڪندي ۽ قابلِ عمل سفارشون جوڙيندي. ان اجلاس ۾ آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، چيئرمين ايف بي آر، چيئرمين سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان، آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت جي سينيئر عملدارن ٽيليڪام انفراسٽرڪچر ڪمپنين ٽاور ڪو پاڪستان، وينچر ڪيپيٽل فرمن، قانوني ۽ ريگيوليٽري مشاورتي ادارن جي نمائندن ۽ لاڳاپيل سرڪاري ادارن سميت اگنائٽ جي نمائندن شرڪت ڪئي.

مزید خبریں