راولپنڊي-19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ايئرفورس ايئرمين اڪيڊمي ڪورنگي ۾ ٽرينيز انٽري نمبر 2306، 2406 ۽ 2412 جي پاسنگ آئوٽ پريڊ منعقد ٿي. پريڊ جو خاص مهمان صدر نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ (اين اي ايس ٽي پي) ايڊوائيزري بورڊ هو جنهن جو استقبال ايئر آفيسر ڪمانڊنگ پي اي ايف ايئرمين اڪيڊمي ڪيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري پريس رليز موجب پاڪستان ايئرفورس، پاڪستان نيوي ۽ …
پاڪستان ايئرفورس ايئرمين اڪيڊمي ڪورنگيءَ ۾ ٽرينيز جي پاسنگ آئوٽ پريڊ

مزید خبریں
راولپنڊي-19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ايئرفورس ايئرمين اڪيڊمي ڪورنگي ۾ ٽرينيز انٽري نمبر 2306، 2406 ۽ 2412 جي پاسنگ آئوٽ پريڊ منعقد ٿي. پريڊ جو خاص مهمان صدر نيشنل ايرو اسپيس سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي پارڪ (اين اي ايس ٽي پي) ايڊوائيزري بورڊ هو جنهن جو استقبال ايئر آفيسر ڪمانڊنگ پي اي ايف ايئرمين اڪيڊمي ڪيو. آءِ ايس پي آر پاران جاري پريس رليز موجب پاڪستان ايئرفورس، پاڪستان نيوي ۽ دوست ملڪن سان تعلق رکندڙ مجموعي طور تي 1155 ٽرينيز پنهنجي پيشيوراڻي تربيت ڪاميابيءَ سان مڪمل ڪئي. پريڊ کي خطاب ڪندي خاص مهمان پاڪستان ايئرفورس جي پيشيوراڻي صلاحيت، جنگي تياري ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل مقام کي ساراهيو. هن چيو ته پي اي ايف ايئرمين اڪيڊمي چيف آف ايئر اسٽاف ايئر چيف مارشل ظهر احمد بابر سڌو نشانِ امتياز (ملٽري)، هلال جرائت جي ويزن موجب جديد ۽ مستقبل تي ٻَڌل تربيت فراهم ڪري رهي آهي ته جيئن اُڀرندڙ جنگي چئلينجز کي مؤثر طريقي سان مُنهن ڏئي سگهجي. هن پي اي ايف جي آپريشنل ڪاميابين (ملٽي ڊومين) آپريشنز جي مؤثر بندوبست ۽ مجموعي تياريءَ کي به اجاگر ڪيو. تقريب دوران نمايان ڪارڪردگيءَ جو مظاهرو ڪندڙ ٽرينيز ۾ انعام ورهايا ويا. ايئر ڪرافٽ مين سارجنٽ احمد حسين عارف مجموعي طور بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري.










