صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ڊيولپنگ ايٽ آرگنائيزيشن (ڊي – ايٽ) جي نامزد سيڪريٽري جنرل سهيل محمود جي ملاقات

اسلام آباد - 19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ڊيولپنگ ايٽ آرگنائيزيشن (ڊي – ايٽ) جي نامزد سيڪريٽري جنرل سهيل محمود ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري سفير سهيل محمود کي سيڪريٽري جنرل ڊي – ايٽ جي عهدي تي مقرري تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو …

اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان جي اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري ۽ ڊيولپنگ ايٽ آرگنائيزيشن (ڊي – ايٽ) جي نامزد سيڪريٽري جنرل سهيل محمود ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر آصف علي زرداري سفير سهيل محمود کي سيڪريٽري جنرل ڊي – ايٽ جي عهدي تي مقرري تي مبارڪباد ڏني. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آصف علي زرداري چيو ته اها پاڪستان جي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته هڪ تجربيڪار پاڪستاني سفارتڪار ڊي – ايٽ تنظيم جي قيادت سنڀالي رهيو آهي. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سهيل محمود جو تجربو ۽ ڏاهپ ڊي – ايٽ کي مضبوط بڻائڻ ۽ ايندڙ سالن ۾ ان جي سگهه وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. سفير سهيل محمود صدر کي پنهنجي نئين ذميوارين بابت بريفنگ ڏني ۽ ڊي – ايٽ جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ پنهنجو ويزن پيش ڪيو. هن تنظيم جي ان صلاحيت کي اجاگر ڪيو ته هو پنهنجي ميمبرن جي وچ ۾ معاشي ترقي ۽ گڏيل اڳڀرائي کي فروغ ڏئي سگهي ٿي. صدر بطور باني ميمبر ڊي – ايٽ سان پاڪستان جي مسلسل عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ڊي – ايٽ ڏهاڪاجاتي روڊ ميپ 2030 – 2020ع جي موثر لاڳو جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته طئي ٿيل فريم ورڪ خاص طور تي ترجيحي شعبن جن ۾ واپار، زراعت، توانائي، صنعت، ٽرانسپورٽ ۽ سياحت شامل آهن، کي عملي نتيجن ۾ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڊي – ايٽ جي ترجيحي واپاري معاهدن جو حوالو ڏيندي صدر چيو ته ڊي – ايٽ جي اندر گهٽ سطح جو گڏيل واپار ان معاهدي جي مڪمل لاڳو جي فوري ضرورت کي ظاهر ڪري ٿو. هن ڊي – ايٽ پي ٽي اي جي تڪرارن جي حل جي طريقيڪار بابت پروٽوڪول تي صحيحن کي واپاري رڪاوٽن جي ازالي ۽ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ معاشي تعاون مضبوط بڻائڻ جو رخ هڪ مثبت قدم قرار ڏنو. صدر ڊي – ايٽ جي اندر عوامي رابطن جي فروغ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿين. هن چيو ته اداراجاتي سڌارا تنظيم جي ڊگهي مدي واري موثريت جي لاءِ لازمي آهن ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سفير سهيل محمود ڊي – ايٽ کي موجوده عالمي معيار موجب هم آهنگ ڪرڻ ۽ ميمبر ملڪن جي منصفاڻي نمائندگي کي يقيني بڻائڻ ۾ تعميري ڪردار ادا ڪندو. صدر آصف علي زرداري سفير سهيل محمود جي لاءِ نئين ذميوارين ۾ ڪاميابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته هو ڊي – ايٽ جي مقصدن سان گڏوگڏ پاڪستان جي قومي مفادن جو پڻ ڀرپور تحفظ ڪندو. ملاقات ۾ سينيٽ ۾ پيپلزپارٽي جي پارلياماني ليڊر سينيٽر شيري رحمان پڻ موجود هئي.

مزید خبریں