وزيراعظم جي هدايت موجب ڊجيٽل معيشت کي هٿي وٺرائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: شزه فاطمه خواجه

اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ايزي پئسا کي ڊجيٽل بئنڪ طور هڪ سال مڪمل ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب ڊجيٽل معيشت کي هٿي وٺرائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ مربوط ۽ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. اها ڳالهه هن ايزي پئسا ڊجيٽل بئنڪ جي ڊجيٽل بئنڪنگ آپريشنز …

اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ايزي پئسا کي ڊجيٽل بئنڪ طور هڪ سال مڪمل ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون آهن. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب ڊجيٽل معيشت کي هٿي وٺرائڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ مربوط ۽ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. اها ڳالهه هن ايزي پئسا ڊجيٽل بئنڪ جي ڊجيٽل بئنڪنگ آپريشنز جي پهرين سالگره جي موقعي تي مقامي هوٽل ۾ اسٽيڪ هولڊرز جي مان ۾ ڏنل ڊنر جي موقعي تي بندوبست ڪيو، جتي ڊجيٽل مالياتي شعبي ۾ بئنڪ جي هڪ سال جي ڪارڪردگي، مستقبل جا هدف ۽ عالمي طور پرڏيهه مان موڪليل ناڻي جي حوالي سان هڪ اهم حصيداري جو اعلان ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي شزه فاطمه خواجه ايزي پئسا کي ڊجيٽل بئنڪ طور هڪ سال مڪمل ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب ڊجيٽل معيشت کي هٿي ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي ۽ ان مقصد لاءِ مربوط ۽ ٺوس قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير چيو ته تيز رفتار ڊجيٽلائزيشن نه صرف پاڪستان جي مالياتي نظام کي جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪري رهي آهي پر آءِ ٽي جي روانگي واپار ۾ رڪارڊ واڌ جي صورت ۾ ان جا مثبت نتيجا سامهون اچي رهيا آهن جيڪي ملڪي معيشت جي روشن مستقبل جي عڪاسي ڪن ٿا. ايزي پئسا ڊجيٽل بئنڪ طرفان ٻُڌايو ويو ته سال 2025ع دوران ايزي پئسا پليٽ فارم ذريعي 3.8 ارب کان وڌيڪ ٽرانزيڪشنز ٿيون، جن جي مجموعي ماليت 15 کرب رپين کان وڌيڪ آهي. تقريب ۾ بئنڪ جي ان ڪردار کي اجاگر ڪيو ويو ته ڪهڙيءَ طرح ايزي پئسا سڄي ملڪ ۾ ڊجيٽل مالياتي سهولتن تائين رسائي وڌائڻ، مالياتي شموليت کي هٿي ڏيڻ ۽ ڪيش ليس معيشت جوڙڻ ۾ مثبت ڪردار ادا ڪري رهي آهي. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، پاليسي سازن، ريگيوليٽرز، ڪاروباري اڳواڻن ۽ ميڊيا نمائندن شرڪت ڪئي.  تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني چيو ته مؤثر پاليسي سازيءَ لاءِ ڊجيٽل فنانس جي ماهرن جي شموليت اڻٽر آهي ۽ ڪيس ليس معيشت جي حقيقي ۽ عملي فائدن کي عوام آڏو آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن ڊجيٽل ادائگين کي هٿي ڏيڻ کي معيشت جي شفافيت ۽ دستاويزي عمل لاءِ اهم قرار ڏنو.

مزید خبریں