لاهور-19 ڊسمبر (اي پي پي) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي باهيون ڏيڻ جي هڪ ٻئي اهم ڪيس جو فيصلو ٻُڌائي ڇڏيو. عدالت ڪلب چؤڪ جي او آر گيٽ حملي ڪيس ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد، محمود الرشيد، اعجاز چوڌري ۽ عمر سرفراز چيما کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻُڌائي ڇڏي، جڏهن ته شاهه محمود قريشي کي ڪيس مان بري ڪيو ويو. عدالت ڪيس جي مڪمل ٻُڌڻيءَ کانپوءِ …
پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر ياسمين راشد، محمود الرشيد، اعجاز چوڌري ۽ عمر سرفراز چيما کي 10-10 سال قيد، شاهه محمود قريشي ڪيس مان بري

مزید خبریں
لاهور-19 ڊسمبر (اي پي پي) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي تي باهيون ڏيڻ جي هڪ ٻئي اهم ڪيس جو فيصلو ٻُڌائي ڇڏيو. عدالت ڪلب چؤڪ جي او آر گيٽ حملي ڪيس ۾ ڊاڪٽر ياسمين راشد، محمود الرشيد، اعجاز چوڌري ۽ عمر سرفراز چيما کي 10-10 سال قيد جي سزا ٻُڌائي ڇڏي، جڏهن ته شاهه محمود قريشي کي ڪيس مان بري ڪيو ويو. عدالت ڪيس جي مڪمل ٻُڌڻيءَ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪيو ويو. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج منظر علي گل سينٽرل ڪوٽ لکپت لاهور ۾ فيصلو ٻُڌايو. عدالت ٻُڌڻيءَ دوران اشتهاري ملزم قرار ڏنل فاروق انجم، حبيب احمد، ارسلان ۽ اڪبر خان کي گرفتار ڪري پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو. عدالتي فيصلي موجب ڪيس ۾ مجموعي طور 25 ملزم نامزد هئا جن جو چالان ريس ڪورس ٿاڻي پوليس طرفان پيش ڪيو ويو. ٽرائل دوران ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت 21 ملزمن جا حتمي بيان رڪارڊ ڪيا ويا، جڏهن ته پراسيڪيوشن مجموعي طور 56 گواهن جا بيان رڪارڊ ڪرايا. پوليس موجب ايف آءِ آر ۾ الزام لاڳو ڪيو ويو هو ته ملزمن ڪلب چؤڪ جي او آر گيٽ تي لاڳو سيڪيورٽي ڪئميرائن جي ڀڃ ڊاهه، پوليس جي وائرليس سيٽ ۽ گيٽ جي شيشن کي ٽوڙيو. سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچايو ۽ پوليس اهلڪارن تي حملا ڪيا. پراسيڪيوشن جو مؤقف هو ته پي ٽي آءِ جا نامزد اڳواڻن ڪارڪن کي 9 مئي جي واقعن، بغاوت ۽ پُرتشدد جهيڙن تي ڀڙڪائڻ تي ڪردار ادا ڪيو.










