صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد - 19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير سالم محمد سالم البواب الزعابي ملاقات ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر نئين مقرر ٿيندڙ سفير جي آجيان ڪندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سندس پيشيواراڻي …

اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جي سفير سالم محمد سالم البواب الزعابي ملاقات ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر نئين مقرر ٿيندڙ سفير جي آجيان ڪندي سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ سندس پيشيواراڻي خدمتن کي ساراهيو. هن گڏيل عرب امارات پاران پاڪستان کي معاشي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي جي شعبن ۾ مسلسل تعاون تي پاڪستان پاران ٿورا ادا ڪيا ۽ چيو ته پاڪستان شيخ محمد بن زيد النهيان کي گڏيل طور تي طئي ٿيندڙ موزون تاريخن تي سرڪاري دوري جي ميزباني جي لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻي لاڳاپن جو جائزو ورتو ويو ۽ سياسي، معاشي، دفاعي ۽ عوامي سطح تي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صدر چيو ته گڏيل عرب امارات کي ان جي خاندان جي لاءِ امارات قائم ٿيڻ جي شروعات کان ئي هڪ خصوصي مقام حاصل رهيو آهي. هن چيو ته اهو تعلق نسل در نسل قائم آهي جيڪو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو تائين پکڙيل آهي ۽ اڄ به جاري آهي، گڏيل عرب امارات سندس ڌيءَ جو مسڪن به آهي ۽ اها ذاتي وابستگي پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن ۾ موجود اعتماد ۽ محبت جي گهرائي جي عڪاس آهي. هن چيو ته گڏيل عرب امارات وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مالي تعاون مضبوط بنيادن تي قائم آهي جڏهن ته سيڙپڪاري، توانائي، ڊيجيٽل معيشت ۽ انفراسٽرڪچر جي ترقي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي وڌيڪ گنجائش موجود آهي. هن گڏيل عرب امارات ۾ رهندڙ پاڪستاني برادري کي پڻ خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته پاڪستاني ڪميونٽي گڏيل عرب امارات جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ مضبوط پُل جي حيثيت رکي ٿي. ان موقعي تي سينيٽ ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي پارلياماني ليڊر سينيٽر شيري رحمان ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا پڻ موجود هئا.

مزید خبریں