اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت پاڪستان هڪ اهم آئيني ۽ قانوني نُڪتي جو تعين ڪندي قرار ڏنو آهي ته ڪنهن به عدالت يا بينچ لاءِ اهو لازمي آهي ته هو صرف ان دائري اختيار ۾ فيصلو ڏئي جنهن جي اجازت آئين ڏئي ٿو. ٻي صورت ۾ اهڙا حڪم قانوني حيثيت نٿا رکن. وفاقي آئيني عدالت طرفان رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب اهو …
ڪنهن به ڪيس جي ٻُڌڻيءَ کان اڳ دائري اختيار جو تعين بنيادي شرط آهي: وفاقي آئيني عدالت

مزید خبریں
اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت پاڪستان هڪ اهم آئيني ۽ قانوني نُڪتي جو تعين ڪندي قرار ڏنو آهي ته ڪنهن به عدالت يا بينچ لاءِ اهو لازمي آهي ته هو صرف ان دائري اختيار ۾ فيصلو ڏئي جنهن جي اجازت آئين ڏئي ٿو. ٻي صورت ۾ اهڙا حڪم قانوني حيثيت نٿا رکن. وفاقي آئيني عدالت طرفان رپورٽنگ لاءِ منظور ٿيل لکت واري تفصيلي فيصلي موجب اهو فيصلو جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس روزي خان بريچ تي ٻَڌل بينچ سول پٽيشن نمبر 2202 آف 2025ع ۾ ٻُڌايو، جيڪا سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 5 مئي 2025ع جي حڪم خلاف داخل ڪئي وئي هئي. ڄاڻايل ڪيس ۾ درخواستگذار خالد محمود 2018ع جي ايمنسٽي اسڪيم تحت پرڏيهه ۾ ڪمپني ريڊ ڪاسل جي ملڪيت ظاهر ڪئي هئي بعد ۾ کيس انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي قلم 109 اي تحت نوٽيس ڪيو ويو. ان نوٽيس خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ آئيني عدالت دائر ڪئي وئي جتان 20 ڊسمبر 2023ع تي عبوري حڪم ذريعي محڪمي کي حتمي ڪارروائيءَ کان روڪيو ويو هو. بعد ۾ آئين جي 26هين ترميم کانپوءِ قائم ٿيل سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ 5 مئي 2025ع تي عارضي حڪم واپس ورتو جنهن کي درخواستگذار چئلينج ڪيو. عدالت تفصيلي فيصلي ۾ چيو ته ڪنهن به قسم جي ٻُڌڻيءَ کان اڳ دائره اختيار جو تعين بنيادي شرط آهي جيڪڏهن ڪو ڪيس اهڙي بينچ ٻُڌايو جنهن کي ان نوعيت جو اختيار حاصل نه هجي ته اهڙو فيصلو بلا اختيار تصور ڪيو ويندو. عارضي حڪمناما به ان بينچ جي دائره اختيار ۾ اچن ٿا جيڪو اصل ڪيس ٻُڌڻ جو مجاز هجي. عدالت واضح ڪيو ته آئين جي 27هين ترميم کان اڳ آرٽيڪل 202 اي تحت آئيني بينچ جو دائرو محدود هو ۽ سمورا رٽ اختيار استعمال ڪرڻ جو مجاز ناهي. وفاقي آئيني عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان اختيار ڪيل غالب مقصد ٿيوري جي توثيق ڪندي چيو ته اهو ڏٺو ويندو ته درخواست ۾ اصل ۽ غالب رليف ڇا گُهريو آهي، جيڪڏهن بنيادي رليف مينڊيٽس يا پروهيبيشن نوعيت جو هجي ته آئيني بينچ جڏهن ته سرٽيوريري، هيبئيس ڪارپس يا ڪووارنٽو جي صورت ۾ ريگيولر بينچ مجاز هوندو. عدالت ان نُڪتي تي سنجيدگيءَ سان غور ڪيو ته آيا سنڌ هاءِ ڪورٽ جو آئيني بينچ ا ن وقت ان ڪيس جي ٻُڌڻي جو مجاز هو يا نه ۽ ان بنياد تي ڪيس کي ٻيهر ٻُڌڻيءَ لاءِ واپس موڪلڻ جي امڪان جو اظهار ڪيو.










