اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 900 روپين جي لاٿ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 54 هزار 862 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت 772 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 89 هزار 970 روپيا ٿي وئي جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 …
سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 900 روپين جي لاٿ

مزید خبریں
اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 900 روپين جي لاٿ کانپوءِ في تولو سون 4 لک 54 هزار 862 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب گذريل ڏينهن 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت 772 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 89 هزار 970 روپيا ٿي وئي جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 57 هزار 919 روپين کان گهٽجي 3 لک 57 هزار 485 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چاندي جي قيمت 52 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6 هزار 848 روپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 44 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 5 هزار 871 روپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 4334 ڊالرن کان گهٽجي 4325 ڊالر ٿي وئي.










