گڏيل قومون پنهنجي قراردادن تي غير جانبدار ۽ هڪجهڙي عملدرآمد کي يقيني بڻائن: پاڪستان

گڏيل قومون-19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال کي اجاگر ڪندي گڏيل قومن تي زور ڀريو آهي ته هو پنهنجي قراردادن تي غير جانبدار ۽ هڪجهڙي عملدرآمد کي يقيني بڻائي، عالمي قانون جي ڪنهن ڇوٽ کانسواءِ پاسداري ڪري، ڇاڪاڻ ته فلسطين ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ عوام کي گڏيل قومن طرفان تسليم ٿيل خوداراديت واري حق کان محروم رکيو پيو وڃي. اها ڳالهه گڏيل قومن …

گڏيل قومون-19 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال کي اجاگر ڪندي گڏيل قومن تي زور ڀريو آهي ته هو پنهنجي قراردادن تي غير جانبدار ۽ هڪجهڙي عملدرآمد کي يقيني بڻائي، عالمي قانون جي ڪنهن ڇوٽ کانسواءِ پاسداري ڪري، ڇاڪاڻ ته فلسطين ۽ آزاد ڄمون ڪشمير ۾ عوام کي گڏيل قومن طرفان تسليم ٿيل خوداراديت واري حق کان محروم رکيو پيو وڃي. اها ڳالهه گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي نائب مستقل نمائندي عثمان جدون نؤ آبادياتي خاتمي جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان جنرل اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي چئي. هن چيو ته خوداراديت وارو حق ڪو وقتي يا ماضيءَ جو تصور نه پر هڪ زندهه ۽ مسلسل عالمي ذميداري آهي جنهن کان انڪار امن لاءِ خطرو آهي. هن واضح ڪيو ته 1960ع جي نؤ آبادياتي ملڪن ۽ عوام کي آزادي ڏيڻ جو اعلان ۽ ڊي ڪالونائزيشن ايجنڊا صرف غير خودمختيار علائقن تائين محدود ناهي پر ان سمورن قومن تي لاڳو ٿئي ٿو جيڪي غير ملڪي قبضي، جبر ۽ پرڏيهي تسلط جو شڪار آهن. پاڪستاني نمائندي چيو ته اصل مقصد اهو هئڻ گهرجي ته سڄي دنيا ۾ سموري محڪوم عوام کي انهن جي خوداراديت وارو حق استعمال ڪرڻ جو مڪمل موقعو فراهم ڪيو وڃي. وچ اوڀر جي موجوده صورتحال تي ڳالهائيندي هن چيو ته فلسطيني عوام جي جائز، خوداراديت واري حق کي مسلسل دٻائڻ جي نتيجي ۾ پائيدار امن جو قيام ممڪن ناهي. هن وڌيڪ چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ڪيترن ئي قراردادن ذريعي ڄمون ڪشمير جي عوام جي خوداراديت واري حق کي تسليم ڪري چڪي آهي ۽ ان پُراڻي تڪرار جو منصفاڻو حل ڏکڻ ايشيا ۾ مستقل ۽ پائيدار امن جي لاءِ اهم حيثيت رکي ٿو. پاڪستاني نمائندي عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو نؤ آبادياتي نظام کي ان جي سمورن شڪلن سميت مڪمل ۽ غير مشروط طور ختم ڪرڻ لاءِ نئين عزم سان قدم کڻي.