وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان جي پرتالي سفير سان ملاقات

اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان پاڪستان ۾ پرتگال جي سفير مينوئل فريڊريڪو پينهيرو دا سلوا  سان سفارتخاني ۾ ملاقات، ڪئي جنهن دوران پروڊڪٽيو روزگار ۽ پرڏيهي ۾ روزگار جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ خاص طور نوجوانن جي بااختياري ۽ ليبر موبلٽي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ڌرين نوجوانن لاءِ پائيدار روزگار جا موقعا ۽ …

اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان پاڪستان ۾ پرتگال جي سفير مينوئل فريڊريڪو پينهيرو دا سلوا  سان سفارتخاني ۾ ملاقات، ڪئي جنهن دوران پروڊڪٽيو روزگار ۽ پرڏيهي ۾ روزگار جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ خاص طور نوجوانن جي بااختياري ۽ ليبر موبلٽي جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ڌرين نوجوانن لاءِ پائيدار روزگار جا موقعا ۽ محفوظ، قانوني ۽ گڏيل مفاد تي ٻڌل ليبر موبلٽي جو فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي باري ۾ به امڪانن جو جائزو ورتو. چيئرمين راڻا مشهود احمد خان پاڪستان جي پرتگال سان لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو، ڌرين عالمي امن، خوشحالي ۽ استحڪام کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم کي ورهايو، ملاقات ۾ يادگيري ڏياري وئي ته پاڪستان ۽ پرتگال 7 نومبر 1949ع تي سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا ۽ گذريل 75 سالن ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا دوستاڻا ۽ خوشگوار رهيا. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن رابطن ۾ مسلسل اڳڀرائي تي اطميانن جو اظهار ڪندي مختلف شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين نوجوانن لاءِ محفوظ، قانوني ۽ گڏيل مفادن تي ٻڌل پرڏيهه ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ پرڏيههه ۾ پاڪستاني ڪارڪنن جي حقن ۽ فلاح ۽ بهبود جي تحفظ تي زور ڀريو. پرتگال ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي به ماڻهن وچ ۾ لاڳاپا مضبوط ڪرڻ لاءِ هڪ قيمتي پل قرار ڏنو ويو. پرتگالي سرڪاري انگن اکرن موجب اٽڪل 54 هزار 318 پاڪستاني شهري يا پاڪستاني ڄاوا هن وقت اتي رهندڙ آهن، ڌرين ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مستقبل ۾ تعيمري رابطا جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو.

مزید خبریں