سينيٽ جي وقتي چيئرمين سان مختلف وفدن جون ملاقاتون

اسلام آباد - 19 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان سينيٽ جي ميمبرن، قبائلي اڳواڻن، شاگردن، دانشورن، وڪيلن ۽ طبي ماھرن جي وفدن پارليامينٽ ۾ ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جنھن دوران ملڪي معيشت، موجوده سياسي صورتحال، سماجي ھم آھنگي، قومي يڪجھتي کي ھٿي ڏيڻ کان سواءِ عوام کي درپيش مسئلن ۽ انھن جي پائيدار حل لاءِ حڪومتي قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. …

اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سيدال خان سان سينيٽ جي ميمبرن، قبائلي اڳواڻن، شاگردن، دانشورن، وڪيلن ۽ طبي ماھرن جي وفدن پارليامينٽ ۾ ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون جنھن دوران ملڪي معيشت، موجوده سياسي صورتحال، سماجي ھم آھنگي، قومي يڪجھتي کي ھٿي ڏيڻ کان سواءِ عوام کي درپيش مسئلن ۽ انھن جي پائيدار حل لاءِ حڪومتي قدمن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب وقتي سينيٽ چيئرمين، سينيٽر طاھر سنڌو، سينيٽر بشريٰ انجم بٽ ۽ سينيٽر فوزيه ارشد سان ملاقات دوران سينيٽ ۾ قانون سازي جي عمل کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ، پارلياماني روايتن جي استحڪام، صوبن وچ ۾ اعتماد سازي، اقتصادي سڌارن، سيڙپڪاري کي ھٿي ڏيڻ ۽ عام شھرين کي ريليف فراھم ڪرڻ جي معاملن تي ڳالھيون ڪيون. ان موقعي تي سينيٽ جي وقتي چيئرمين چيو ته سينيٽ نه رڳو آئيني توازن جو محافظ آھي پر وفاقي وحدت ۽ جمھوري قدرن جي استحڪام ۾ ھڪ مضبوط ۽ باوقار ڪردار ادا ڪري رھيو آھي، جتي سمورن صوبن کي هڪجهڙي اھميت ڏني وڃي ٿي. سينيٽ جي وقتي چيئرمين ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قومي ترقي ۽ معاشي استحڪام جا ھدف ان وقت حاصل ڪري سگھجن ٿا جڏھن سموريون سياسي قوتون ذاتي ۽ پارٽي مفادن کان مٿانهون ٿي قومي سوچ تحت متحد ٿي اڳتي وڌن. ھن خصوصي طور بلوچستان جي صوبي سميت سڄي ملڪ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي، عوامي ريليف ۽ زندگي جي معيار جي فراھمي لاءِ اجتماعي دانش، مشاورت ۽ عملي قدمن جي اھميت تي تفصيلي روشني وڌي. ھن جو چوڻ ھو ته وزيراعظم محمد شھباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ معاشي بحالي، سياسي استحڪام ۽ ترقي جي ھڪ نئين ۽ ھاڪاري مرحلي ۾ داخل ٿي رھيو آھي. قبائلي اڳواڻن جي وفد سان ملاقات دوران سينيٽ جي وقتي چيئرمين چيو ته قبائلي اڳواڻن ھميشه قومي وحدت، سماجي استحڪام ۽ روايتي قدرن جي تحفظ ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو آھي. ھن چيو ته قبائلي نظام گڏيل احترام، مشاورت، امن ۽ برداشت کي ھٿي ڏيڻ جو ھڪ مضبوط ذريعو آھي، جيڪو معاشري ۾ ھم آھنگي پيدا ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو آھي. ھن قبائلي اڳواڻن تي زور ڀريو ته ھو نوجوان نسل جي فڪر ۽ اخلاقي رھنمائي ۽ معاشرتي سڌارن جي عمل ۾ پنھنجو ڪردار وڌيڪ اثرائتو بڻائين. بلوچستان جي شاگردن جي وفد سان ڳالھائيندي سينيٽ جي وقتي چيئرمين چيو ته نوجوان ڪنھن به قوم جو سڀ کان قيمتي سرمايو ۽ روشن مستقبل جي ضمانت ھوندا آھن. ھن چيو ته حڪومت نوجوانن کي تعليم، ھنرمندي، روزگار ۽ واپار جا موقعا فراھم ڪرڻ لاءِ ڪيترائي پروگرام ۽ سڌارن وارن قدمن تي عمل ڪري رهي آھي. ھن نوجوانن کي ھدايت ڪئي ته جديد تحقيق، ٽيڪنالاجي ۽ ھاڪاري سوچ کي اختيار ڪندي ملڪي ترقي ۽ جمھوري قدرن کي ھٿي ڏيڻ ۾ فعال ڪردار ادا ڪن. دانشورن جي وفد سان ملاقات دوران سينيٽ جي وقتي چيئرمين چيو ته فڪر رکندڙ ۽ دانشور ڪنھن به معاشري جي فڪر جو رخ مقرر ڪرڻ ۾ بنيادي ٿنڀ جي حيثيت رکن ٿا. ھن چيو ته قومي بياني جي جوڙجڪ، برداشت تي ٻڌل سوچ کي ھٿي ڏيڻ، ڊائلاگ جي روايت جي استحڪام ۽ انتھاپسندي جي خاتمي ۾ دانشورن جو ڪردار نھايت اھم آھي. ھن ان ڳالھه تي زور ڀريو ته پاليسي سازي جي عمل ۾ علم رکندڙن جي راين ۽ تحقيقي سفارشن کي شامل ڪرڻ وقت جي اھم ضرورت آھي جيئن فيصلا حقيقتن ۽ مضبوط عملي بنيادن تي ھموار هجن. طبي ماھرن ۽ ڊاڪٽرن جي وفد سان ڳالھائيندي سينيٽ جي وقتي چيئرمين چيو ته ڊاڪٽرن ۽ صحت جي شعبي کان لاڳاپيل ماڻھو قوم جا محسن آھن، جن ھر مشڪل وقت ۾ عوام جي خدمت جي اولين ترجيح ڏني آھي. ھن چيو ته صحت جي نظام جي بھتري، بنيادي طبي سھولتن جي فراھمي ۽ ڏورانھن علائقن ۾ علاج جي سھولتن کي ھٿي ڏيڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آھي. ھن يقين ڏياريو ته سينيٽ جي پليٽ فارم تان صحت جي شعبي کي درپيش مسئلن کي اثرائتي انداز ۾ اجاگر ڪيو ويندو. سيدال خان چيو ته موجوده حڪومت بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي خصوصي اھميت ڏئي رھي آھي، صوبي ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي نتيجي ۾ روڊن، سڌارن واري نظام ۽ بنيادي ڍانچي ۾ نمايان بھتري آئي آھي، جنھن سان نه رڳو عوام کي سھولت حاصل ٿي آھي پر واپاري ۽ معاشي سرگرمين کي به ھٿي ملي آهي، اھي قدم بلوچستان کي قومي ترقي جي ڌارا ۾ وڌيڪ مضبوطي سان شامل ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندا.

مزید خبریں