ڪينيڊي سينٽر بورڊ پاران اداري جو نالو ٽرمپ-ڪينيڊي سينٽر رکڻ جي حق ۾ ووٽ

واشنگٽن - 19 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واشنگٽن جي مشھور ڪينيڊي سينٽر تي پنھنجو ڪنٽرول مستحڪم ڪري ورتو، اداري جي بورڊ نالو تبديل ڪري ٽرمپ-ڪينيڊي سينٽر رکڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو. پرڏيھي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر بورڊ جي فيصلي جي اعلان کانپوءِ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ھو ان فيصلي تي حيران به آھي ۽ فخر به محسوس ڪري رھيو آھي. آمريڪي صدر اڳ به …

واشنگٽن – 19 ڊسمبر (اي پي پي) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ واشنگٽن جي مشھور ڪينيڊي سينٽر تي پنھنجو ڪنٽرول مستحڪم ڪري ورتو، اداري جي بورڊ نالو تبديل ڪري ٽرمپ-ڪينيڊي سينٽر رکڻ جي حق ۾ ووٽ ڏنو. پرڏيھي ميڊيا مطابق آمريڪي صدر بورڊ جي فيصلي جي اعلان کانپوءِ صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ھو ان فيصلي تي حيران به آھي ۽ فخر به محسوس ڪري رھيو آھي. آمريڪي صدر اڳ به ان سينٽر جو نالو تبديل ڪرڻ جي ڳالھه ڪري چڪو ھو. وائيٽ ھائوس جي پريس سيڪريٽري ڪيرولين ليويٽ چيو ته ڪينيڊي سينٽر جي بورڊ متفق طور ھڪ زنده صدر جي نالي تي اداري جو نالو رکڻ جو غير معمولي فيصلو ڪيو آھي. ھن چيو ته اھو فيصلو صدر ٽرمپ طرفان گذريل ھڪ سال دوران عمارت کي بچائڻ لاءِ ڪيل شاندار ڪم جي بنياد تي ڪيو ويو.