وزيراعظم سان آسٽريليا جي نئين مقرر ٿيل هاءِ ڪمشنر جي ملاقات، وزيراعظم پاران بونڊائي بيچ سڊني ۾ دهشتگردي جي واقعي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد - 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بونڊائي بيچ سڊني ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سان معصوم جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي دهشتگردي جي ان بزدلاڻي ڪارروائي جي مذمت ۽ آسٽريليا سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ ۽ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ تعاون …

اسلام آباد – 19 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف بونڊائي بيچ سڊني ۾ دهشتگردن جي فائرنگ سان معصوم جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي دهشتگردي جي ان بزدلاڻي ڪارروائي جي مذمت ۽ آسٽريليا سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ ۽ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪستان ۾ آسٽريليا جي نئين مقرر ٿيل هاءِ ڪمشنر ٽم ڪين ملاقات ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، خاص معاون طارق فاطمي ۽ پرڏيهي سيڪريٽري پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم هاءِ ڪمشنر کي سندس مقرري تي مبارڪباد ڏني ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سندس مقرري سان پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ پراڻا ۽ دوستاڻا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. وزيراعظم 14 ڊسمبر 2025ع تي بونڊائي بيچ سڊني ۾ دهشتگردن جي فائرنگ ۾ معصوم جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي ان بزدلاڻي ڪارروائي جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو. ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ آسٽريليا سان پاڪستان جي يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته دهشتگردي جو ڪو مذهب ناهي هوندو ۽ ان جي هر شڪل ۽ صورت ۾ مذمت ڪرڻ گهرجي جڏهن ته ان لعنت جي خاتمي لاءِ گڏيل ڪارروائي جي ضرورت آهي. پاڪستان آسٽريليا لاڳاپن جي مثبت رخن کي اجاگر ڪندي وزيراعظم ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ زراعت ۽ لائيو اسٽاڪ جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي شعبي ۾ آسٽريلوي دلچسپي جي پڻ آجيان ڪئي. وزيراعظم ريڪوڊڪ کي پاڪستان ۾ ان شعبي جي بي پناهه صلاحيت رکندڙ هڪ روشن مثال قرار ڏنو. هن آسٽريليا ۾ رهندڙ پاڪستانين جي اڻٿڪ خدمتن کي پڻ ساراهيو جنهن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ اهم پُل جو ڪم ڪيو آهي. وزيراعظم ڪرڪيٽ جي لاءِ ٻنهي قومن جي گڏيل جذبي سميت پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ مضبوط رابطن ۽ ثقافتي رشتن جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات دوران وزيراعظم آسٽريلوي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ انهن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جا منتظر آهن. ٽم ڪين وزيراعظم جا ٿورا مڃيندي گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪرڻ جي گهري خواهش جو اظهار ڪيو.

مزید خبریں