سعودي عرب ۽ ڀارت ۾ ويزا ڇوٽ جي معاهدي تي صحيحون

رياض _ 19 ڊسمبر (اي پي پي ) سعودي عرب ۽ ڀارت بيوروڪريٽڪ طريقڪار کي گهٽ ڪرڻ جي هڪ اهم قدم طور ويزا ڇوٽ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق معاهدي ۾ ٻنهن ملڪن سرڪاري سفر کي آسان بڻائڻ ۽ ٻطرفي  مٽا سٽا کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختصر قيام واري ويزا جي شرط کان گڏيل ڇوٽ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. مملڪت ۾ ڀارتي سفير اعجاز خان …

رياض _ 19 ڊسمبر (اي پي پي ) سعودي عرب ۽ ڀارت بيوروڪريٽڪ طريقڪار کي گهٽ ڪرڻ جي هڪ اهم قدم طور ويزا ڇوٽ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. پرڏيهي ميڊيا مطابق معاهدي ۾ ٻنهن ملڪن سرڪاري سفر کي آسان بڻائڻ ۽ ٻطرفي  مٽا سٽا کي هٿي ڏيڻ لاءِ مختصر قيام واري ويزا جي شرط کان گڏيل ڇوٽ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. مملڪت ۾ ڀارتي سفير اعجاز خان ۽ سعودي پرڏيهي وزارت جي پروٽوڪول معاملن بابت نائب وزير عبدالمجيد السماري رياض ۾ وزارت جي هيڊ ڪوارٽر ۾ صحيحون ڪيون . عبدالمجيد السماري سعودي گهرو وزير شهزاده فيصل بن فرحان جي نمائندگي ڪندي صحيحون ڪيون.