صدر وزيراعظم جي مشوري تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊي نوٽيفڪيشن جي منظوري ڏيئي ڇڏي

اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم جي مشوري تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊي نوٽيفڪيشن جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي مقرري کي غير قانوني قرار ڏيڻ کان پوءِ صدر کيس ان عهدي تان هٽائڻ جي منظوري …

اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري وزيراعظم جي مشوري تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس طارق محمود جهانگيري جي ڊي نوٽيفڪيشن جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي. جمعي ڏينهن ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي مقرري کي غير قانوني قرار ڏيڻ کان پوءِ صدر کيس ان عهدي تان هٽائڻ جي منظوري ڏني. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري کي مقرري جي وقت صحيح ايل ايل بي ڊگري جو اهل نه هُجڻ تي عهدو خالي ڪرڻ جي هدايت ڪئي هُئي.

مزید خبریں