اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ واپاري سامان جي سيڪيورٽي کي اٿرائتو بڻائڻ لاءِ نيشنل لاجسٽڪس ڪارپوريشن (اين ايل سي) جديد ترين اسڪينر سسٽم نصب ڪري ڇڏيا آهن. اهي جديد اسڪينرز پاڪ چين سرحد تي سوست ڊرائي پورٽ ۽ پاڪ ايران سرحد تي گبد بارڊر ٽرمينل ۾ لڳايا ويا آهن. جديد اسڪرينرز رڳو 22 سيڪنڊ ۾ گاڏين کي اسڪين ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا جنهن …
پاڪ چين ۽ پاڪ ايران سرحدي واپار ۾ اهم اڳڀرائي

مزید خبریں
اسلام آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ واپاري سامان جي سيڪيورٽي کي اٿرائتو بڻائڻ لاءِ نيشنل لاجسٽڪس ڪارپوريشن (اين ايل سي) جديد ترين اسڪينر سسٽم نصب ڪري ڇڏيا آهن. اهي جديد اسڪينرز پاڪ چين سرحد تي سوست ڊرائي پورٽ ۽ پاڪ ايران سرحد تي گبد بارڊر ٽرمينل ۾ لڳايا ويا آهن. جديد اسڪرينرز رڳو 22 سيڪنڊ ۾ گاڏين کي اسڪين ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا جنهن سان ڪليئرنس جي عمل ۾ نمايان تيزي ايندي ۽ ڪنٽينرز جي انتظار جو وقت گهٽجي ويندو، اهم واپاري راهدارين تي ان اڳڀرائي جي نتيجي ۾ مجموعي واپاري ڪارڪردگي ۾ واضح بهتري متوقع آهي. مصنوعي ذهانت سان ليس اهي اسڪينرز ڪوڊ جي صحيح سڃاڻپ سان گڏوگڏ واپاري سامان جي ساخت جو ويجهي کان تجزيو ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هر اسڪين جي ذريعي حاصل ٿيل ڊيٽا واپاري عمل ۾ شفافيت کي هٿي ڏيندو آهي، جڏهن ته معائني جي مرحلن ۾ انساني مداخلت گهٽ ٿيڻ سان قانوني واپار وڌيڪ تيز ۽ اثرائتو ٿي ويندو. چين ۽ ايران سان وڌندڙ واپار کي نظر ۾ رکندي ان اڳڀرائي کي نهايت اهم قرار ڏنو پيو وڃي.










