اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پاران اي آر واءِ نيوز جي سينيئر صحافي راشد حبيب جي جوان ڀاڻيجي جي اوچتو لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اي آر واءِ نيوز جي سينيئر صحافي راشد حبيب جي جوان ڀاڻيجي جي اوچتو لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته راشد حبيب جي ڀاڻيجي جي اوچتو لاڏاڻي جي …

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اي آر واءِ نيوز جي سينيئر صحافي راشد حبيب جي جوان ڀاڻيجي جي اوچتو لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت ۽ همدرديءَ جو اظهار ڪندي چيو ته راشد حبيب جي ڀاڻيجي جي اوچتو لاڏاڻي جي خبر ٻڌي دلي صدمو ٿيو، سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ گهرڀاتين کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

مزید خبریں