نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس، تيل ۽ گئس جي شعبي کي درپيش چئلينجز جي حل تي غور

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ پيداوار جي شعبي کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري قدمن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ڪميٽي گذريل اجلاس کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو. نائب وزيراعطم/ پرڏيهي وزير …

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ تيل ۽ گئس جي ڳولا ۽ پيداوار جي شعبي کي درپيش چئلينجز جي حل لاءِ گهٽ، وچولي ۽ ڊگهي مدي واري قدمن کي حتمي شڪل ڏيڻ جي لاءِ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ڪميٽي گذريل اجلاس کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو ورتو. نائب وزيراعطم/ پرڏيهي وزير ڊي جي پي سي جي ورڪ فلو جي ڊيجيٽائيزيشن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي کي ساراهيو جنهن سان ڪاروباري عمل ۾ آساني ۽ ڪارڪردگي ۾ بهتري ايندي. نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير ڪميٽي جي اڳوڻي فيصلن موجب آف شور ٻوليءَ جا مرحلا مڪمل ڪرڻ تي پيٽروليم ڊويزن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. ڪميٽي 23 نئين آف شور بلاڪس جي الاٽمينٽ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ نئين سيڙپڪارن جي شموليت جي آجيان ڪئي. نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير ايل پي جي پلانٽ جي بحالي لاءِ گڏيل ڪوششن کي پڻ ساراهيو ۽ شعبي بابت قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جن ۾ اضافي ايل اين جي جو انتظام ۽ پيٽرول ۾ ممڪن ايٿانول بلينڊنگ شامل آهي. هن توانائي جي شعبي ۾ ترقي ۽ بهتري جي لاءِ حڪومت جي خصوصي ڪوششن کي پڻ اجاگر ڪيو.

مزید خبریں