اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزارت ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي مناسبت سان انهن کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سڄي ملڪ ۾ منعقد ٿيندڙ مختلف …
اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي يادگيري تقريبن جي تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار پرڏيهي وزارت ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پاڪستان ۽ چين جي سفارتي لاڳاپن جا 75 سال مڪمل ٿيڻ جي مناسبت سان انهن کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سڄي ملڪ ۾ منعقد ٿيندڙ مختلف يادگاري تقريبن ۽ سرگرمين جي منظوري ڏني. ٻئي ملڪ پنهنجي اسٽريٽجڪ تعاون تي ٻڌل حصيداري جي مناسبت سان ڪيترين ئي گڏيل سرگرمين جو پڻ انعقاد ڪندا.










