جسٽس طارق محمود جهانگيري ڊگري تڪرار ڪيس ۾ جج جي عهدي لاءِ نااهل قرار

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طارق محمود جهانگيري کي ڊگري تڪرار ڪيس ۾ جج جي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان تي ٻَڌل بينچ ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار به عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته طارق جهانگيري عدالت ۾ پيش نه ٿيو. ٻُڌڻيءَ دوران ڪراچي …

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ طارق محمود جهانگيري کي ڊگري تڪرار ڪيس ۾ جج جي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان تي ٻَڌل بينچ ڪيس جي ٻُڌڻي ڪئي. ٻُڌڻيءَ ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار به عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته طارق جهانگيري عدالت ۾ پيش نه ٿيو. ٻُڌڻيءَ دوران ڪراچي يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار ڊگريءَ بابت ريجنل رڪارڊ پيش ڪيو. ميان داد ايڊووڪيٽ چيو ته هو به قسم کڻي چئي ٿو، طارق محمود جهانگيري جو انرولمينٽ فارم تائين ڪوڙا هئا، جيڪڏهن هو سچو آهي ته ايل ايل بي پارٽ ون ۽ پارٽ ٽو جون مارڪ شيٽس کڻي اچي. ٻُڌڻيءَ دوران رجسٽرار ڪراچي يونيورسٽي عدالت کي ٻُڌايو ته ڪراچي يونيورسٽي حتمي طور تي طارق محمود جهانگيري جي ڊگري ڪينسل ڪري ڇڏي. اسلاميه لا ڪاليج جي پرنسپال چيو ته طارق محمود جهانگيري سندس شاگرد نه هو. طارق محمود جهانگيري ڪاپي ڪندي پڪڙيو ويو، ان جي فيئر مينز ڪميٽي 3 سالن کان پابندي لڳائي، ڪميٽي ڪاپي ڪرڻ ۽ ايگزامنر کي ڌمڪيون ڏيڻ تي طارق محمود جهانگيري تي 3 سالن جي پابندي لڳائي، طارق محمود جهانگيري 1992ع ۾ ٻيهر امتحان ڏيڻ جو اهل هو، پابنديءَ خلاف طارق محمود ڊگري حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوڙي انرولمينٽ فارم استعمال ڪيو. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي رجسٽرار عدالت کي وڌيڪ ٻُڌايو ته لاڳاپيل اختيارين جي تصديق کانپوءِ يونيورسٽي سينڊيڪيٽ فائنڊنگز جي بنياد تي طارق محمود جهانگيري جي ڊگري رد ڪرڻ جو ڊڪليريشن جاري ڪيو. چيف جسٽس جي سوال تي رجسٽرار واضح ڪيو ته ڪراچي يونيورسٽي حتمي طور تي ڊگري ڪينسل ڪري ڇڏي آهي. رجسٽرار جي چوڻ تي طارق محمود جهانگيري جي وڪيل اڪرم شيخ به وچ ۾ ڳالهايو ته منهنجي درخواستن تي فيصلو ڪرڻ کان بنا اوهان رڪارڊ نٿا ڏسي سگهو. بعد ۾ عدالت دليل مڪمل ٿيڻ تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻُڌائيندي طارق محمود جهانگيري کي جج جي عهدي لاءِ نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.

مزید خبریں