اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڊجيٽل سڌارن جي ايجنڊا تحت عدالتي نظام کي وڌيڪ اثرائتو، شفاف ۽ عوام دوست بنائڻ لاءِ اهم قدم متعارف ڪرائي ڇڏيا. سپريم ڪورٽ پاران جاري بيان موجب ڄاڻايل قدمن جو مقصد سائلين کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انصاف جي فراهميءَ جي عمل کي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي تيز ۽ منظم بڻائڻ آهي. سپريم ڪورٽ ڪيسن جي درجابنديءَ لاءِ هڪ جامع فريم …
سپريم ڪورٽ پاران ڊجيٽل سڌارن جي ايجنڊا تحت عدالتي نظام کي وڌيڪ مؤثر، شفاف ۽ عوام دوست بنائڻ لاءِ اهم قدم متعارف

مزید خبریں
اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ڊجيٽل سڌارن جي ايجنڊا تحت عدالتي نظام کي وڌيڪ اثرائتو، شفاف ۽ عوام دوست بنائڻ لاءِ اهم قدم متعارف ڪرائي ڇڏيا. سپريم ڪورٽ پاران جاري بيان موجب ڄاڻايل قدمن جو مقصد سائلين کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انصاف جي فراهميءَ جي عمل کي جديد ٽيڪنالاجي ذريعي تيز ۽ منظم بڻائڻ آهي. سپريم ڪورٽ ڪيسن جي درجابنديءَ لاءِ هڪ جامع فريم ورڪ منظور ڪري ورتو آهي جنهن تحت ديواني، فوجداري ۽ سروس ڪيسز لاءِ 3 معياري فهرستون تيار ڪيون ويون آهن. ان قدمن سان ڪيسن جي فائلنگ ۾ هڪجهڙائي، شروعاتي مرحلي تي مؤثر جاچ پڙتال ۽ عدالتي انتظاميه ۾ بهتري ممڪن ٿي سگهندي، جڏهن ته ڊيٽا تي ٻَڌل ڪيس مئنجمينٽ کي به هٿي ملندي. فائلنگ جي عمل کي وڌيڪ آسان ۽ اثرائتو بنائڻ لاءِ هڪ لازمي معياري ٽيمپليٽ فارم به منظور ڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪيس جا بنيادي تفصيل داخل ڪرڻ لازم هوندا. هي فارم سپريم ڪورٽ ۾ هر ڪيس جي فائلنگ وقت ايڊووڪيٽ آن رڪارڊ (اي او آر) يا سپريم ڪورٽ جي ايڊووڪيٽ (اي ايس سي) ذريعي جمع ڪرائڻو پوندو. فراهم ڪيل معلومات جي جاچ انسٽيٽيوشن آفيسر ڪندو جڏهن ته ريسرچ آفيسر ان جي تصديق ڪندو ته جيئن درستگي، تڪميل ۽ منظور ٿيل درجابندي فريم ورڪ سان هڪجهڙائيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي. ڪيسن جي درجابندي جي نظام ۽ ٽيمپليٽ فارم جي تياري وڪيل برادريءَ جي سهڪار سان مشاورتي عمل تحت ڪئي ويندي. ڪميٽي آف ايڊوڪيٽس آن رڪارڊ جي تعاون سان سمورن اي او آر ايس کي پنهنجا رايا ڏيڻ جي دعوت ڏني وئي، جنهن کان پوءِ تفصيلي مشاورت جي نتيجي ۾ حتمي ٽيمپليٽ فارم کي وڪيلن جي اجتماعي تجويزن ۽ پيشيوراڻي بصيرت جي عڪاسي سان تيار ڪيو ويو. ان کان علاوه سپريم ڪورٽ ۾ عدالتي رڪارڊ جي ڊجيٽلائزيشن جو عمل به جاري آهي جيڪو 31 ڊسمبر 2025ع تائين مڪمل ٿيڻ جي توقع آهي. ان سلسلي ۾ ڊجيٽل سرٽيفائيڊ ڪاپيز پورٽل کي پائليٽ بنيادن تي لانچ ڪيو ويو آهي. ڪامياب آزمائش کانپوءِ هي پورٽل سائلين ۽ وڪيلن کي ڪنهن به هنڌان آن لائن تصديق ٿيل نقل حاصل ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪئي ويندي جنهن سان دير ۽ طريقيڪار جون رڪاوٽون نمايان طور تي گهٽ ٿينديون. اهي سمورا قدم هڪ اهڙي عدالت نظام طرف اهم اڳڀرائي آهن جيڪي جديد گهرجن سان هڪجهڙائي، مؤثر، شفاف ۽ عوام لاءِ وڌيڪ رسائي جوڳا هجن.










