اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام هيٺ پاڪستان ۾ عورتن جي راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ اولمپڪس جي تياريءَ لاءِ هڪ تاريخي قدم جي شروعات ڪئي وئي آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ منعقد اهم اجلاس دوران وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ ايمپاور اسپورٽس اڪيڊمي وچ ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن تحت سڄي ملڪ …
وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ ايمپاور اسپورٽس اڪيڊمي وچ ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون

مزید خبریں
اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام هيٺ پاڪستان ۾ عورتن جي راندين کي هٿي وٺرائڻ ۽ اولمپڪس جي تياريءَ لاءِ هڪ تاريخي قدم جي شروعات ڪئي وئي آهي. وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين رانا مشهود احمد خان جي صدارت ۾ وزيراعظم آفيس ۾ منعقد اهم اجلاس دوران وزيراعظم يوٿ پروگرام ۽ ايمپاور اسپورٽس اڪيڊمي وچ ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪيون ويون، جنهن تحت سڄي ملڪ مان 10 هزار نوجوان ڇوڪرين کي راندين جي ميدان ۾ اڳتي وڌائڻ جو لائحه عمل طئي ڪيو ويو آهي. يوٿ افيئرز ونگ پاري جاري بيان موجب ان موقعي تي ليٽر آف انٽينٽ تي وزيراعظم يوٿ پروگرام طرفان جوائنٽ سيڪريٽري ڊاڪٽر محمدعلي ملڪ، جڏهن ته ايمپاور اسپورٽس اڪيڊمي طرفان باني ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر جنيد قريشي صحيحون ڪيون. معاهدي تحت هر سال 19 سالن کان گهٽ عمر جي 10 هزار باصلاحيت ڇوڪرين جي نشاندهي، تربيت ۽ پُٺڀرائي ڪئي ويندي ته جيئن کين قومي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي نمائندگيءَ لاءِ تيار ڪري سگهجي. اجلاس ۾ ڳالهائيندي رانا مشهود احمد خان چيو ته حڪومت نوجوان ڇوڪرين کي بااختيار بڻائڻ ۽ راندين جا برابريءَ جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن چيو ته رانديون نه صرف جسماني، ذهني صحت کي هٿي ڏين ٿيون پر مثبت نوجوان قيادت ۽ صحتمند معاشرو جوڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ايمپاور اسپورٽس اڪيڊمي ان پروگرام تحت جديد تربيتي نظام، عالمي معيار جي جاچ ۽ چونڊ جي طريقيڪار ۽ ملٽي اسپورٽس ٽيلنٽ هنٽ پروگرام متعارف ڪرائيندي. ملڪي۽ غير ملڪي ماهر ڪوچز جي مدد سان چونڊيل رانديگرياڻين کي اهڙي تربيت فراهم ڪئي ويندي جيڪا عالمي معيار سان ٺهڪندڙ هجي. ان حصيداريءَ تحت ايمپاور وومين نيشنل ٽورنامينٽ جو بندوبست ڪيو ويو جيڪو پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو قومي سطح تي عورتن جي راندين جو مقابلو هوندو. وزيراعظم يوٿ پروگرام ٽورنامينٽ جي مشهوري، مختلف ادارن وچ ۾ رابطن ۽ راندين جون سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ تعاون فراهم ڪندو ته جيئن وڌ کان وڌ تعليمي ادارا ۽ شاگردياڻيون ان ۾ حصو وٺي سگهن. معاهدي موجب هر سال فيلڊ ڪيمپس، علائقائي ٽرائلز ۽ اسڪول سطح جي سرگرمين ذريعي 10 هزار چوڪرين تائين رسائي حاصل ڪئي ويندي. چونڊيل رانديگرياڻين کي باقائدي تربيت، رهنمائي ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون جڏهن ته سرڪاري راندين جي ميدانن ۽ سهولتن تائين عورت جي رسائيءَ کي بهتر بڻايو ويندو.










