وفاقي وزير احسن اقبال جي ريلوي واري وفاقي وزير سان ملاقات

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ملاقات ڪئي. حنيف عباسي پاڪستان ريلوي ۾ جاري سڌارا جاتي ۽ ترقياتي قدمن، ڊجيٽلائزيشن، سيڪيورٽي، مسافر سهولتون ۽ ايم ايل ون منصوبي تي اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو. وفاقي وزير احسن اقبال پاڪستان ريلوي ۾ سڌارن، جديد قدمن ۽ بهتر ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو. لاهور- نارووال ٽرين جي اپ گريڊيشن تي ريلوي …

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي سان ملاقات ڪئي. حنيف عباسي پاڪستان ريلوي ۾ جاري سڌارا جاتي ۽ ترقياتي قدمن، ڊجيٽلائزيشن، سيڪيورٽي، مسافر سهولتون ۽ ايم ايل ون منصوبي تي اڳڀرائيءَ کان آگاهه ڪيو. وفاقي وزير احسن اقبال پاڪستان ريلوي ۾ سڌارن، جديد قدمن ۽ بهتر ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو. لاهور- نارووال ٽرين جي اپ گريڊيشن تي ريلوي واري وزير حنيف عباسي جو ٿورو مڃيو. وفاقي وزير احسن اقبال نارووال ريلوي اسٽيشن کي وڌيڪ اپ لفٽ ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي ريلوي واري وفاقي وزير نارووال ريلوي اسٽيشن جي بهتري ۽ وڌيڪ ترقياتي قدمن جي خاطري ڪرائي. ملاقات ۾ ٻنهي وزيرن، وزيراعظم جي ويزن موجب ريلوي جي نظام کي جديد رُخن ۽ عوام دوست بڻائڻ جي عزم کي ورجايو.

مزید خبریں