اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته جديد تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ئي پاڪستان جي ترقيءَ جو راهه لِڪل آهي. ملڪ جي ترقيءَ لاءِ اسان کي پنهنجي ذاتي مفادن کي وساري ملڪي ترقيءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪيپيٽل يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانووڪيشن ۾ 1323 شاگردن ۽ شاگردياڻين، 25 پي ايڇ …
جديد تعليم حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ترقيءَ جو راز لِڪل آهي: حنيف عباسي

مزید خبریں
اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير حنيف عباسي چيو آهي ته جديد تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ئي پاڪستان جي ترقيءَ جو راهه لِڪل آهي. ملڪ جي ترقيءَ لاءِ اسان کي پنهنجي ذاتي مفادن کي وساري ملڪي ترقيءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه ڪيپيٽل يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانووڪيشن ۾ 1323 شاگردن ۽ شاگردياڻين، 25 پي ايڇ ڊي گريجوئيٽس کي ڊگريون ڏنيون ويون. ڪانووڪيشن ۾ اعليٰ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ 90 شاگردن کي ميڊلز ڏنا ويا. تقريب کي خطاب ڪندي حنيف عباسي چيو ته جديد تعليم حاصل ڪرڻ ۾ ئي پاڪستان جي ترقيءَ جو راز لِڪل آهي. هن چيو ته پاڪستان جا سمورا صوبا ۽ عوام هڪ آهن ۽ اسان کي پنهنجا ذاتي مفاد وساري قومي ترقيءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نوجوانن کي معياري تعليم، تحقيق ۽ عملي مهارتن سان تيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي ته جيئن پاڪستان عالمي سطح تي ترقي يافته قومن جي صف ۾ شامل ٿي سگهي. ان موقعي تي وفاقي وزير تعليم پرائي نڪتل شاگردن کي مبارڪون ڏنيون ۽ سندن روشن مستقبل لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.










