قومي احتساب بيورو ۽ نائجيريا جي اداري اڪنامڪ اينڊ فنانشل ڪرائمز ڪميشن وچ ۾ يو اين سي اي سي تحت رياستي ڌُرين جي ڪانفرنس جي موقعي تي مفاهمتي يادداشت تي صحيحون

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) قومي احتساب بيورو (نيب) دوحه، قطر ۾ رٿيل گڏيل قومن جي ڪرپشن جي خاتمي واري ڪنوينشن (يو اين سي اي سي) تحت رياستي ڌُرين جي 11هين ڪانفرنس جي موقعي تي نائجيريا جي اداري اڪنامڪ اينڊ فنانشل ڪرائمز ڪميشن (اي ايف سي سي) سان هڪ اهم مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون آهن. ترجمان موجب ان قدم جو مصد ڪرپشن ۽ مالياتي ڏوهن …

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) قومي احتساب بيورو (نيب) دوحه، قطر ۾ رٿيل گڏيل قومن جي ڪرپشن جي خاتمي واري ڪنوينشن (يو اين سي اي سي) تحت رياستي ڌُرين جي 11هين ڪانفرنس جي موقعي تي نائجيريا جي اداري اڪنامڪ اينڊ فنانشل ڪرائمز ڪميشن (اي ايف سي سي) سان هڪ اهم مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) تي صحيحون ڪيون آهن. ترجمان موجب ان قدم جو مصد ڪرپشن ۽ مالياتي ڏوهن خلاف عالمي تعاون کي وڌيڪ مؤثر بڻائڻ آهي. ان مفاهمتي يادداشت تي نيب جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد ۽ اي ايف سي سي جي ايگزيڪيوٽو چيئرمين اولاني پيڪون اولوڪوئيوڊ صحيحون ڪيون. معاهدو شفافيت، احتساب ۽ قانون جي حڪمرانيءَ کي هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم جو اظهار آهي. هي تعاون پاڪستان ۽ نائجيريا جي گڏيل قومن جي ڪرپشن جي خاتمي واري ڪنوينشن تحت عالمي ذميدارين جي موجب آهي جيڪو سرحد پار ڪرپشن جي خاتمي ۽ مالياتي ڏوهن جي روڪٿام لاءِ ٻنهي ملڪن جي گڏيل ويزن جي عڪاسي ڪري ٿو. ان موقعي تي نيب چيئرمين چيو ته اها ڀائيواري نه صرف جاچ ۽ قانوني ڪارروائي جي صلاحيتن کي بهتر بڻائيندي پر ڪرپشن خلاف عالمي جدوجهد کي به مضبوط ڪندي. هن چيو ته نيب ۽ اي ايف سي سي گڏيل تعاون ذريعي ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته انصاف جي فراهمي سرحدن تائين محدود نه رهي.

مزید خبریں