مالي سال 26-2025ع دوران جولاءِ کان نومبر ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ واضح استحڪام ڏسڻ ۾ آيو: احسن اقبال

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته مالي سال 26-2025ع دوران جولاءِ کان نومبر ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ واضح استحڪام ڏسڻ ۾ آيو آهي، جيڪو محتاط ميڪرو اڪنامڪ مئنجمينٽ، صحيح پاليسي رُخ ۽ هدفي سڌارا جاتي قدمن جو نتيجو آهي. نومبر 2025ع ۾ پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگيءَ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ان عرصي دوران مهانگائيءَ …

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته مالي سال 26-2025ع دوران جولاءِ کان نومبر ۾ پاڪستان جي معيشت ۾ واضح استحڪام ڏسڻ ۾ آيو آهي، جيڪو محتاط ميڪرو اڪنامڪ مئنجمينٽ، صحيح پاليسي رُخ ۽ هدفي سڌارا جاتي قدمن جو نتيجو آهي. نومبر 2025ع ۾ پاڪستان جي معاشي ڪارڪردگيءَ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ان عرصي دوران مهانگائيءَ جي سراسري شرح تقريبن 5 سيڪڙو رهي جيڪو گذريل سال جي ان مُدي ۾ 7.9 سيڪڙو هئي. ان موجب مهانگائيءَ ۾ گهٽتائيءَ سان عوام کي رليف مليو ۽ ڪاروبار سيڙپڪاري لاءِ وڌيڪ اڳڪٿي وارو ماحول پيدا ٿيو. وفاقي وزير چيو ته وڏي پيماني جي صنعت (ايل ايس ايم) ۾ 4.1 سيڪڙو اؤسر رڪارڊ ڪئي وئي جيڪا صنعتي سرگرمين ۾ بحالي ۽ ڪاروباري اعتماد ۾ اضافي جي واضح علامت آهي. هن چيو ته توانائيءَ جي بهتر دستيابي، سپلاءِ چين ۾ بهتري ۽ سڌارن وارا قدم صنعتي ڪارڪردگيءَ ۾ واڌ جا سبب آهن. مالياتي ڪارڪردگي تي ڳالهائيندي هن چيو ته ايف بي آر جا محصول جولاءِ کان نومبر تائين 4733 ارب رپين تائين پهچي ويا جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 10.2 سيڪڙو واڌ ظاهر ڪن ٿا. ان موجب هي بهتر ٽيڪس انتظاميه ۽ مالي نظم ۽ ضبط جو بهتر اهڃاڻ آهي. ٻاهرين شعبي جي حوالي سان وفاقي وزير چيو ته آءِ ٽي سروسز جي روانگي واپار ۾ نمايان بهتري آئي ۽ 19 سيڪڙو واڌ سان 1.8 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو، جڏهن ته پرڏيهي مان آيل ناڻو 9.3 سيڪڙو وڌي 16.1 ارب ڊالر ٿي ويو، جنهن سان مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرن ۽ مجموعي معاشي استحڪام کي هٿي ملي. ترقياتي خرچن جي باري ۾ هن ٻُڌايو ته ٽه ماهيءَ دوران ترقياتي بجيٽ تحت 196 ارب رپيا جاري ڪيا ويا جن مان 92 ارب رپيا خرچ ٿي چڪا آهن ۽ وڌيڪ انفراسٽرڪچر منصوبا لڳايا ويا. هن وڌيڪ چيو ته بهتر رٿابندي ۽ غير ضروري خرچن جي خاتمي سان جولاءِ کان آڪٽوبر 2025ع دوران 3.3 ارب رپين جي بچت ممڪن ٿي. احسن اقبال موجب نومبر 25ع ۾ سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي 10 ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏني جڏهن ته 6 وڏا منصوبا ايگزيڪيوٽو ڪميٽي آف نيشنل اڪنامڪ ڪائونسل (ايڪنڪ) کي موڪلي ويا. انهن منصوبن مان 994 فوري روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا، جڏهن ته مجموعي طور 24859 سڌيءَ ريت ۽ 40873 اڻسڌيءَ ريت روزگار جا موقعا پيدا ٿيڻ جو امڪان آهي. هن چيو ته سمورن ترقياتي منصوبن لاءِ گرين بلڊنگ ڪوڊ کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي ته جيئن ماحولياتي تحفظ ۽ پائيدار ترقيءَ کي يقيني بڻائي سگهجي. ان کان علاوه اُڏام پاڪستان پروگرام تحت تحقيق، ٽيڪنالاجي ۽ جدت کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عالمي ادارن سان تعاون وڌايو پيو وڃي، جن ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي ۽ ڪيمبرج يونيورسٽي شامل آهن. هن ٻُڌايو ته آءِ ٽي انڊسٽريءَ جي بحاليءَ جي منصوبي تحت 10 هزار کان وڌيڪ نوجوانن کي جديد ٽيڪنالاجيز ۾ تربيت ڏني پئي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ 14 هزار نوان روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته پاڪستان حڪومت مالي استحڪام، هدفي ترقياتي قدمن ۽ مضبوط نگراني ذريعي پائيدار، جامع ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل ترقيءَ لاءِ پُرعزم آهي.

مزید خبریں