آءِ ايس پي آر جي ڊي جي ڪامسيٽس يونيورسٽيءَ جو استادن ۽ شاگردن سان خصوصي آگاهي ويهڪ

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) آءِ ايس پي آر جي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جي ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام جي استادن ۽ شاگردن سان خصوصي آگاهي ويهڪ منعقد ٿي، جنهن ۾ ملڪي، داخلي صورتحال، غلط ڄاڻ (مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن) جي پکيڙ ۽ قومي سلامتيءَ بابت اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ويهڪ دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر شاگردن ۽ …

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) آءِ ايس پي آر جي ڊي جي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري جي ڪامسيٽس يونيورسٽي اسلام جي استادن ۽ شاگردن سان خصوصي آگاهي ويهڪ منعقد ٿي، جنهن ۾ ملڪي، داخلي صورتحال، غلط ڄاڻ (مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن) جي پکيڙ ۽ قومي سلامتيءَ بابت اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ويهڪ دوران ڊي جي آءِ ايس پي آر شاگردن ۽ استادن طرفان پُڇيل سوالن جا تفصيلي دليلن سان ۽ اطمينان بخش جواب ڏنا. شرڪت ڪندڙن ڳالهين کي معلوماتي، وقت سر ۽ شعور اجاگر ڪندڙ قرار ڏنو. تقريب جي پڄاڻيءَ تي شرڪت ڪندڙن پنهنجا تاثر بيان ڪندي پاڪ فوج جون مادرِ وطن لاءِ ڏنل جاني ۽ مالي قربانين کي شاندار خراجِ تحسين پيش ڪيو. شرڪت ڪندڙن جو چوڻ هو ته بنا تحقيق، غير تصديقي ڄاڻ جي پکيڙ قومي مفادن لاءِ نقصانده ثابت ٿي سگهي ٿو. جڏهن ته اهڙن آگاهي سيشنز ذريعي مس انفارميشن ۽ ڊس انفارميشن جو مؤثر ازالو ممڪن آهي. شرڪت ڪندڙن موجب ڊي جي آءِ ايس پي نوجوانن جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي ۽ کين پاڪستان جو روشن مستقبل قرار ڏنو. شاگردن چيو ته پاڪستان جي استحڪام، سلامتي ۽ـ ترقيءَ لاءِ پاڪ فوج سان گڏ هر شهريءَ جو ڪردار اڻٽر آهي، جڏهن ته دهشتگرديءَ جي مڪمل خاتمي لاءِ سمورن ادارن وچ ۾ گڏيل تعاون ۽ يڪجهتي انتهائي ضروري آهي. شرڪت ڪندڙن وڌيڪ چيو ته نوجوانن ۾ آگاهي ۽ شعور اجاگر ڪرڻ لاءِ اهڙا سيشنز وقت جي اهم ضرورت آهن. هن آگاهي ويهڪ پاڪستان جي استحڪام ۽ ترقيءَ ۾ شاگردن جي اهم ڪرار کي نمايان ڪيو ۽ فتنه الخوارج جي حوالي سان به واضح ڄاڻ فراهم ڪئي. شرڪت ڪندڙن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪ فوج اسان مان آهي ۽ اسان پاڪ فوج مان آهيون.

مزید خبریں