اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت جي سطح تي مضبوط هم آهنگي قائم ڪئي وئي آهي، ڊجيٽل بئنڪ ۽ فِن ٽيڪ ادارا مالي شموليت کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن اها ڳالهه ناڻي واري وزارت ۾ اينٽ …
پاڪستان ۾ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي: وفاقي وزير محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) ناڻي ۽ محصول واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڊجيٽلائيزيشن جو عمل تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت جي سطح تي مضبوط هم آهنگي قائم ڪئي وئي آهي، ڊجيٽل بئنڪ ۽ فِن ٽيڪ ادارا مالي شموليت کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن اها ڳالهه ناڻي واري وزارت ۾ اينٽ انٽرنيشنل ۽ ايزي پئسا ڊجيٽل بئنڪ جي اعليٰ سطح جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد ۾ اينٽ انٽرنيشنل (Ant International) جي صدر ۽ اينٽ گروپ جي سينئر نائب صدر ڊگلس فيگن، ايزي پئسا ڊجيٽل بئنڪ جي چيئرمين عرفان وهاب خان ۽ ايزي پئسه ڊجيٽل بئنڪ جي صدر ۽ چيف ايگزيڪيٽو آفيسر جهانزيب خان شامل هئا. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ڊجيٽل معيشت کي هٿي ڏيڻ، ڪيش ليس نظام جي توسيع ۽ مالي شموليت کي اڳتي وڌائڻ بابت معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽر محمد اورنگزيب وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ ڊجيٽلائزيشن جو عمل تيزي سان اڳتي وڌي رهيو آهي ۽ ان سلسلي ۾ حڪومت جي سطح تي مضبوط هم آهنگي قائم ڪئي وئي آهي، ڊجيٽل انفر ااسٽرڪچر، ادائيگين جي نظام ۽ سرڪاري ڏي وٺ جي ڊجيٽلائزيشن جهڙن اهم شعبن تي واضح هدفن سان ڪم جاري آهي، ته جيئن ڪيش تي ڀاڙڻ گهٽجي ۽ معيشت کي جديد رخن تي هموار ڪري سگهجي. ناڻي واري وزير چيو ته ڊجيٽل بئنڪس ۽ فِن ٽيڪ ادارا مالي شموليت کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، خاص طور تي انهن طبقن لاءِ جيڪي هن وقت تائين رسمي بئنڪاري نظام کان ٻاهر رهيا آهن. هن زور ڀريو ته ننڍن آبادگارن ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن لاءِ قرضن ۽ مالي سهولتن جي فراهمي ۾ ڊجيٽل پليٽ فارمز اهم اهميت رکن ٿا، حڪومت زرعي شعبي سميت مختلف شعبن ۾ ڊجيٽل حل ذريعي پهچ ۽ شفافيت وڌائڻ چاهي ٿي. ڊگلس فيگن پاڪستان ۾ ڊجيٽل معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ اينٽ انٽرنيشنل ۽ اينٽ گروپ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته اينٽ گروپ چين ۽ ٻين ايشيائي ملڪن ۾ حاصل ڪيل تجربن، ٽيڪنالاجي ۽ مهارت کي پاڪستان ۾ متعارف ڪرائڻ لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ايزي پئسا کي ڊجيٽل بئنڪ جو لائسنس ملڻ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جنهن سان ڊجيٽل ادائيگيون، ڪيش ليس ڏي وٺ ۽ جديد مالي خدمتن کي هٿي ڏيڻ ۾ وڌيڪ تيزي ايندي. ناڻي واري وزير ان ڳالهه تي به زور ڀريو ته ملڪي قرض واري نظام ۾ نواڻ آڻڻ ۽ ريٽيل سيڙپڪارن کي شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڊجيٽل پليٽ فارمز ذريعي عام شهرين کي محفوظ ۽ ڊگهي مدي واري سرڪاري سيڪيورٽيز ۾ سيڙپڪاري جا موقعا فراهم ڪري سگهجن ٿا، جنهن سان نظام ۾ شفافيت وڌندي ۽ نجي شعبي لاءِ مالي گنجائش پيدا ٿيندي. ايزي پئسا ڊجيٽل بئنڪ جي چيئرمين عرفان وهاب خان آگاهه ڪيو ته سندن ادارو هاڻي ادائيگين جي نظام کان اڳتي وڌي بچت، سيڙپڪاري ۽ ٻين مالي خدمتن طرف اڳڀرائي ڪري رهيو آهي. هن ٻڌايو ته صارفين جي مالي آگاهي ۽ اعتماد ۾ اضافو ان سفر جو هڪ اهم جزو آهي، جنهن لاءِ مسلسل تعليم ۽ سادي ڊجيٽل مصنوعات متعارف ڪرائي پئي وڃي، وفد ان ڳالهه تي به روشني وڌي ته ڊجيٽل چئنلز جي ذريعي مالي خدمتن جي رسائي نه رڳو آسان بڻائي سگهجي ٿي پر ان سان رسمي معيشت کي به سگهه ملي ٿي. ملاقات ۾ ورچوئل اثاثن ۽ نئين مالي ٽيڪنالاجيز تي به خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت جو مقصد اڀرندڙ مالي شعبن کي مناسب ضابطه ڪاري تحت آڻڻ آهي، ته جيئن خطرن جو بهتر انتظام، صارفين جي تحفظ ۽ جدت جا موقعا هڪجهڙا ممڪن بڻائي سگهجن. هن چيو ته نوجوان آبادي جي صلاحيت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ دلچسپي کي قومي ترقي لاءِ استعمال آڻڻ وقت جي ضرورت آهي. سينيٽر محمد اورنگزيب وفد کي ملڪي معيشت جي مجموعي صورتحال کان به آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ڪلي معيشت جي استحڪام، ڍانچاجاتي سڌارا، ٽيڪس نيٽ کي هٿي ڏيڻ، توانائي جي شعبي ۾ بهتري ۽ سرڪاري ادارن جي نجڪاري حڪومت جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهن. هن جو چوڻ هو ته استحڪام کانپوءِ ايندڙ وڏو هدف پائيدار معاشي ترقي ۽ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ آهي. ڊگلس فيگن چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڊجيٽل ادائيگين ۽ ڊجيٽل فنانس کي هٿي ڏيڻ سان ٽيڪس وصولين ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي، هن ٻڌايو ته ايزي پئسه طرفان ڪيو آر ڪوڊ تي ٻڌل ادائيگين ۽ مرچنٽ ڊجيٽلائيزيشن کي وڌيڪ سگهه ڏني پئي وڃي، ته جيئن صارفين ۽ ڪاروباري طبقي لاءِ ڊجيٽل ڏي وٺ کي روزاني جو معمول بڻائي سگهجي. هن بايو ميٽرڪ تصديق ۽ رجسٽريشن جي خرچن بابت عملي خدشا به اجاگر ڪيا ۽ چيو ته انهن معاملن ۾ توازن پيدا ڪرڻ ضروري آهي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ڊجيٽل نظام ۾ شامل ٿي سگهن. ملاقات جي پڄاڻي تي ڌرين ڊجيٽل ادائيگين، مالي شموليت، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي هٿي ڏيڻ لاءِ ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ناڻي واري وزير وفد جي تجويزن کي ساراهيندي چيو ته لاڳاپيل ادارن سان گڏجي انهن تي غور ڪيو ويندو ته جيئن پاڪستان ۾ ڊجيٽل معيشت جو سفر وڌيڪ تيز ۽ موثر بڻائي سگهجي.










