پاڪستان ۽ يورپي يونين جي پنهنجي پُراڻي حصيداري ۽ علائقائي استحڪام لاءِ گڏيل عزم جي توثيق

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي يونين پنهنجي پُراڻي حصيداري ۽ علائقائي استحڪام لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جي توثيق ڪئي آهي. اقتصادي معاملن واري وزارت مان جاري بيان موجب 15هين يورپي يونين پاڪستان گڏيل ڪميشن جو اجلاس گذريل ڏينهن برسلز ۾ منعقد ٿيو. گڏيل ڪميشن سياسي ۽ معاشي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ۽ يورپي يونين پاڪستان اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان جي فريم ورڪ تحت جمهوري طرزِ حڪمراني، انساني …

اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ يورپي يونين پنهنجي پُراڻي حصيداري ۽ علائقائي استحڪام لاءِ پنهنجي گڏيل عزم جي توثيق ڪئي آهي. اقتصادي معاملن واري وزارت مان جاري بيان موجب 15هين يورپي يونين پاڪستان گڏيل ڪميشن جو اجلاس گذريل ڏينهن برسلز ۾ منعقد ٿيو. گڏيل ڪميشن سياسي ۽ معاشي اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ۽ يورپي يونين پاڪستان اسٽريٽجڪ انگيجمينٽ پلان جي فريم ورڪ تحت جمهوري طرزِ حڪمراني، انساني حقن، واپار ۽ سيڙپڪاري، ترقي، پناهگيرن، آبهوا، توانائي ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت اهم شعبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌُرين پنهنجي پُراڻي حصيداري ۽ علائقائي استحڪام لاءِ گڏيل عزم جي توثيق ڪئي. گڏيل ڪميشن کان اڳ جمهوريت، انساني حقن، واپار ۽ ترقياتي تعاون بابت ذيلي گروپس جا اجلاس منعقد ٿيا. ان اجلاسن ۾ جي ايس پي پلس تحت تعاون مضبوط بنائڻ، ڪاروباري ماحول بهتر ڪرڻ، طرزِ حڪمراني ۽ انساني حقن ۾ سڌارن کي اڳتي وڌائڻ ۽ ترقياتي تعاون کي پاڪستان جي قومي ترجيحن ۽ يورپي يونين جي ملٽي اينول انڊيڪٽو پروگرام سان هم آهنگ ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ترقياتي تعاون جي شعبي ۾ ٻنهي طرفان سبز ۽ جامع معاشي ترقي، انساني سيڙپڪاري جي ترقي ۽ طرزِ حڪمرانيءَ کي ترجيح شعبو قرار ڏنو ويو. پاڪستان موسمياتي لچڪ ۽ پائيدار ترقيءَ لاءِ يورپي يونين ۽ سندس ٽيم جي مسلسل معاونت جي آجيان ڪئي. گڏيل ڪميشن جي موقعي تي يورپي انويسٽمينٽ بئنڪ پاڻيءَ جي شعبي ۾ 60 ملين يورو جي ڪريڊٽ فنانسنگ جي معاهدي تي صحيحون ڪيون. هي 2015ع کانپوءِ يورپي انويسٽمينٽ بئنڪ سان پهريون قرض آهي جنهن جو مقصد پاڻي ۽ صفائي جي ترجيحي انفراسٽرڪچر منصوبن جي معاونت آهي. پاڪستان قومي اهميت جي ترقياتي منصوبن لاءِ يورپي انويسٽمينٽ بئنڪ جي وڌيڪ معاونت ۾ دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. گڏيل ڪميشن يورپي يونين پاڪستان جامع ڳالهين پناهگيرن جي لڏپلاڻ تحت اڳڀرائيءَ جو جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ واپسي ۽ ٻيهر قبوليت ۽ ٽيلنٽ پارٽنرشپ تحت قانوني پناهگيرن جي رستن تي تعاون شامل آهي. ڌُرين هاڻوڪي اعليٰ سطح جي رابطن جي آجيان ڪئي جن ۾ 21 نومبر 2025ع تي برسلز ۾ رٿيل ستين اسٽريٽجڪ ڊائلاگ به شامل آهي. يورپي يونين ۽ پاڪستان علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور موجب تڪرارن جي پُرامن حل جي اهميت تي زور ڀريو. گڏيل ڪميشن جي پلينري اجلاس جي گڏيل صدارت پاڪستان جي اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري محمد حمير ڪريم ۽ يورپين ايڪسٽرنل ايڪشن سروس جي ايشيا ۽ پيسيفڪ لاءِ وقتي ايم ڊي پائولا پامپالوني ڪئي. اجلاس ۾ يورپي يونين پاڪستان گڏيل ڪميشن جو ايندڙ اجلاس 2026ع ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

مزید خبریں