اسلام آباد جي ڊي آءِ جي، ھارون جوئيه جي والد جي جنازي جي نماز ادا، گھرو وفاقي وزير محسن نقوي جي شرڪت

اسلام آباد - 18 ڊسمبر (اي پي پي) اسلام آباد پوليس جي ڊي آءِ جي ھارون جوئيه جي والد ۽ ايڊمن سي ڊي اي جي ميمبر طلعت گوندل جي سھري جي جنازي جي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. گھرو وفاقي وزير محسن نقوي، گھرو وزير مملڪت طلال چوڌري، گھرو سيڪريٽري خرم آغا، سي ڊي اي جي چيئرمين محمد علي رندھاوا، اسلام آباد پوليس جي آءِ جي علي ناصر …

اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) اسلام آباد پوليس جي ڊي آءِ جي ھارون جوئيه جي والد ۽ ايڊمن سي ڊي اي جي ميمبر طلعت گوندل جي سھري جي جنازي جي نماز فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي وئي. گھرو وفاقي وزير محسن نقوي، گھرو وزير مملڪت طلال چوڌري، گھرو سيڪريٽري خرم آغا، سي ڊي اي جي چيئرمين محمد علي رندھاوا، اسلام آباد پوليس جي آءِ جي علي ناصر رضوي، ڊي جي ايف آءِ اي رفعت مختار، اسلام آباد پوليس جي سي ڊي اي جي آفيسرن ۽ عملي به جنازي جي نماز ۾ شرڪت ڪئي. گھرو وزير محسن نقوي ھارون جوئيه ۽ طلعت گوندل سان دلي ھمدردي ۽ تعزيت جو اظھار ڪيو. گھرو وزير محسن نقوي مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي.

مزید خبریں