اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”راست“ (RAAST) جي بورڊ ميمبرن کي نيون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ جي ڪاروباري ماڻهن کي ”راست“ پليٽ فارم جي استعمال جي ترغيب ڏيڻ جون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ ”راست“ جي بورڊ ميمبرن سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ …
وزيراعظم پاران راست جي بورڊ ميمبرن کي نيون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ”راست“ (RAAST) جي بورڊ ميمبرن کي نيون ذميواريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته سڄي ملڪ جي ڪاروباري ماڻهن کي ”راست“ پليٽ فارم جي استعمال جي ترغيب ڏيڻ جون ڪوششون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ ”راست“ جي بورڊ ميمبرن سان اجلاس ٿيو جنهن ۾ ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه، ناڻي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر، راست بورڊ جي ميمبرن، سي اي او ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ان اميد جو اظهار ڪيو ته قومي اهميت رکندڙ ان اداري کي وڌيڪ بهتر انداز ۾ هلايو ويندو. هن ڪيش ليس معيشت ۽ مالياتي شموليت جي فروغ ۾ ”راست“ جي اهم ڪردار کي اجاگر ڪندي هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ جي ڪاروباري ماڻهن کي ”راست“ پليٽ فارم جي استعمال جي ترغيب ڏيڻ جون ڪوششون تيز ڪيون وڃن. اجلاس ۾ وزيراعظم کي ”راست“ جي ڪارڪردگي تي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ”راست“ جاري ٿيڻ کان هيستائين اٽڪل 80 کرب رپين جي 3 ارب کان وڌيڪ ٽرانزيڪشنز مڪمل ٿي چڪيون آهن، ”راست“ جي صارفين جو انگ 48 ملين کان وڌي ويو آهي جڏهن ته سڄي ملڪ جا 53 مالياتي ادارا ”راست“ جو حصو آهن. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ”راست“ اسٽيٽ بئنڪ اف پاڪستان جو ادارو آهي جڏهن ته هڪ ميمبر کانسواءِ سمورا بورڊ ميمبر نجي شعبي مان وسيع تجربي جي بنياد تي چونڊيا ويا آهن، سڄي ملڪ ۾ سمورين جي ٽو بي ۽ بي ٽو جي ادائيگين کي ”راست“ تي منتقل ڪرڻ اداري جو ويزن آهي، ”راست“ جي ذريعي هر ماڻهو کي محفوظ ۽ اعتماد جوڳي ڊيجيٽل ادائيگي جو پليٽ فارم فراهم ڪيو ويو آهي.










