اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اشتهارن واري شعبي ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال کانپوءِ تخليقي پيشن جي لاءِ جنم وٺندڙ مسئلن ۽ انهن پيشن کي غيرضروري ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ اشتهارن واري شعبي …
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پاران تخليقي پيشن جي لاءِ جنم وٺندڙ مسئلن بابت عوام کان تجويزون طلب

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اشتهارن واري شعبي ۾ مصنوعي ذهانت جي استعمال کانپوءِ تخليقي پيشن جي لاءِ جنم وٺندڙ مسئلن ۽ انهن پيشن کي غيرضروري ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ تجويزون طلب ڪري ورتيون آهن. سماجي رابطي جي پليٽ فارم ”ايڪس“ تي پنهنجي هڪ پوسٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ اشتهارن واري شعبي ۾ مصنوعي ذهانت (اي آءِ) جي استعمال سان تخليقي پيشن ۾ ملازمتن جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، انهن پيشن ۾ مواد تخليق ڪندڙ، گرافڪ ڊيزائنر ۽ ايڊيٽرز، تخليقي ڊائريڪٽرز، اداڪار ۽ ماڊلز، فني عملو ۽ ڪئميره مين شامل آهن. ان مسئلي جي حل ۽ انهن پيشن کي غيرضروري ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ تجويزن جي ضرورت آهي. ان لاءِ عوام پنهنجون تجويزون [email protected] تي موڪلي.










