اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ 12 ملين کان وڌيڪ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، انهن جو مٽاسٽا جو ناڻو ملڪي معيشت جي لاءِ وڏو سهارو آهي، اهڙن ماڻهن جي همت ۽ حوصلي، قربانين ۽ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جيڪي پنهنجو ملڪ ڇڏي محنت مزدوري جي لاءِ ٻين ملڪن ۾ وڃن ٿا. وزيراعظم آفيس …
ٻاهرئين ملڪ رهندڙ 12 ملين کان وڌيڪ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، انهن جو مٽاسٽا جو ناڻو ملڪي معيشت جي لاءِ وڏو سهارو آهي: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ 12 ملين کان وڌيڪ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، انهن جو مٽاسٽا جو ناڻو ملڪي معيشت جي لاءِ وڏو سهارو آهي، اهڙن ماڻهن جي همت ۽ حوصلي، قربانين ۽ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا جيڪي پنهنجو ملڪ ڇڏي محنت مزدوري جي لاءِ ٻين ملڪن ۾ وڃن ٿا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار پناهگيرن جي عالمي ڏهاڙي تي پيغام ۾ ڪيو. وزيراعظم چيو ته پناهگيرن جي عالمي ڏهاڙي تي پاڪستان سڄي دنيا جي ملڪن سان گڏجي اهڙن ماڻهن جي همت ۽ حوصلي، قربانين ۽ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو جيڪي پنهنجو ملڪ ڇڏي محنت مزدوري جي لاءِ ٻين ملڪن ۾ وڃن ٿا، پناهگيرن جي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان هن سال اهو ڏينهن ”منهنجي جدوجهد جي ڪهاڻي: ثقافتون ۽ ترقي“ جي عنوان سان ملهايو پيو وڃي، اهو موضوع ان روشن حقيقت کي اجاگر ڪري ٿو ته انساني چرپر وڏي پئماني تي برڪت جو سبب ثابت ٿئي ٿي. هن چيو ته مختلف سماجي پس منظر کي پنهنجي اندر سهيڙيل انسانن جي چرپر معاشرن کي ثقافتي طور تي مالامال ڪري ٿي ۽ معاشري ۾ جدت ۽ تخليق کي فروغ ڏي ٿي. گهڻ رخو ثقافتي معاشرو جڏهن گڏيل تعاون، وقار ۽ حقن جي اصولن تي قائم ٿئي ته پائيدار ترقي کي اڳتي وڌائي ٿو. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ 12 ملين کان وڌيڪ پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، سمنڊ پار پاڪستاني پنهنجي ملڪ جي صلاحيتن ۽ ثقافت جا سفير ۽ پاڪستان ۽ ٻين قومن جي وچ ۾ مضبوط پُل آهن، انهن جو مٽاسٽا جو ناڻو جيڪو ساليانو 38 ارب ڊالر کان وڌيڪ آهي، ملڪي معيشت جي لاءِ وڏو سهارو آهي ۽ لکين خاندانن جي روزگار جو ذريعو آهي جڏهن ته انهن جي اصل طاقت انهن جي مهارت، محنت ۽ عزم ۾ لڪيل آهي، پاڪستان حڪومت ٻاهر ويندڙ ماڻهن کي هنرمند بڻائڻ جي انتظامن کي ضروري سمجهي ٿي ڇو ته اڄ جي عالمي معيشت ۾ ڪاميابي جي لاءِ رڳو فني مهارت ئي نه پر سماجي صلاحيتن ۽ زبانن تي عبور پڻ لازمي آهي، انهي مقصد تحت حڪومت فني ۽ پيشيواراڻي تربيتي نظام کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪري رهي آهي. هن چيو ته ان ڏس ۾ حڪومت سماجي تربيت، مختلف مهارتن ۽ غيرملڪي زبانن جي تعليم کي فروغ ڏئي رهي آهي ته جيئن اسان جي افرادي قوت جديد دور جي گهرجن تي پورو لهي سگهي، پاڪستان، يورپي يونين ٽيلنٽ پارٽنرشپ کانسواءِ مختلف ملڪن سان طئي ٿيندڙ مفاهمتي يادداشتن جي ذريعي سمنڊ پار پاڪستانين جي هنر کي دنيا ۾ تسليم ڪرائڻ ۽ انهن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ منظم نظام جوڙي رهي آهي. وڌيڪ اهو ته قومي اميگريشن ۽ ڀلائي پاليسي ۽ قومي بحالي پاليسي جو مسودو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ٿو ته ملڪ کان ٻاهر ويندڙ هر ماڻهو جي سفر جا سمورا مرحلا محفوظ ۽ باوقار هجن. هن چيو ته اچو ان وچن جو ورجاءُ ڪريون ته ٻاهر ويندڙن کي هنرمند ۽ انهن جي لاءِ موقعا وڌيڪ محفوظ ۽ بااختيار بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريون ته جيئن گڏيل ترقي جي سفر کي آسان بڻائي سگهون.










