اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان قطر سان پنهنجي تعاون خاص طور تي سيڙپڪاري، زراعت، واپار، توانائي، افرادي قوت جي چرپر ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ٻئي ملڪ ڪيترن ئي حوالن سان هڪ ٻئي جي لاءِ تڪميلي حيثيت رکن ٿا ۽ اسان وڌيڪ مضبوط حصيداري جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا …
پاڪستان قطر سان پنهنجي تعاون کي مختلف شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي: صدر آصف علي زرداري

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان قطر سان پنهنجي تعاون خاص طور تي سيڙپڪاري، زراعت، واپار، توانائي، افرادي قوت جي چرپر ۽ ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ٻئي ملڪ ڪيترن ئي حوالن سان هڪ ٻئي جي لاءِ تڪميلي حيثيت رکن ٿا ۽ اسان وڌيڪ مضبوط حصيداري جي تعمير جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جا خواهشمند آهيون. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر قطر جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان حڪومت ۽ پاڪستاني عوام پاران آئون قطر جي قومي ڏينهن جي موقعي تي قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني ۽ قطر جي ڀائر عوام کي دلي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجها ۽ پائيدار ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏيل قدرن، گڏيل احترام ۽ ڀائيچاري جي مضبوط جذبي تي ٻڌل آهن، قيادت جي سطح تي باقاعده رابطي ۽ گهري عوامي لاڳاپن جي ڪري اسان جا گڏيل رابطا مختلف شعبن ۾ لاڳيتو وڌي رهيا آهن. صدر چيو ته اسان قطر جي امير جي قيادت کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا جنهن جي رهنمائي ۾ قطر ترقي، معاشي واڌويجهه ۽ انساني ڀلائي جي قدمن ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن چيو ته علائقائي ۽ عالمي معاملن ۾ قطر جي تعميري ڪردار کي عالمي سطح تي ساراهيو وڃي ٿو. صدر ان موقعي تي قطري عوام جي مسلسل ترقي ۽ ڀلائي جي لاءِ پنهنجي مخلصاڻي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ دوستي جو رشتو ائين ئي وڌندو رهي.










