اسلام آباد - 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حلال گوشت جي برآمدي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته حلال گوشت جي برآمدات کي وڌائڻ لاءِ ايندڙ ٻن هفتن ۾ عملي قدمن سان گڏ ٽن سالن جي جامع حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مسلمان ملڪن ۽ سڄي دنيا جي حلال گوشت جي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي برآمدي حصي کي بهتر …
وزيراعظم محمد شهباز شريف حلال گوشت جي برآمدي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف حلال گوشت جي برآمدي پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته حلال گوشت جي برآمدات کي وڌائڻ لاءِ ايندڙ ٻن هفتن ۾ عملي قدمن سان گڏ ٽن سالن جي جامع حڪمت عملي پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته مسلمان ملڪن ۽ سڄي دنيا جي حلال گوشت جي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي برآمدي حصي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سڀني لاڳاپيل وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن جي مشاورت سان تيار ڪيل هڪ جامع حڪمت عملي تمام گهڻي ضروري آهي. ڪوس گهرن جي عالمي معيار جي سرٽيفڪيشن ۽ ٻين ملڪن سان ٻطرفي رجسٽريشن ۾ حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ حلال گوشت جي برآمدي پاليسي بابت هڪ جائزو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، قومي خوراڪ جي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، وزيراعظم جي صنعت ۽ پيداوار بابت خاص مددگار هارون اختر خان ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته حلال گوشت جي روانگي واپار کي وڌائڻ لاءِ ايندڙ ٻن هفتن ۾ عملي قدمن سان گڏ ٽن سالن جي جامع حڪمت عملي پاڪستان جي حلال گوشت جي برآمدي مارڪيٽ کي وڌائڻ لاءِ قائم ڪيل پيداوار ڪميٽي، سرد خانن ۽ ٻين عنصرن کي بهتر بڻائڻ لاءِ قابل عمل تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته مسلمان ملڪن ۽ سڄي دنيا جي حلال گوشت جي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جي برآمدي حصي کي بهتر بڻائڻ لاءِ سڀني لاڳاپيل وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان تيار ڪيل هڪ جامع حڪمت عملي تمام گهڻي ضروري آهي. چُوپائي مال ۾ حلال گوشت جي پيداوار کي عالمي معيار مُوجب ۽ علائقائي پيداوار جي مقدار سان مقابلي ۾ وڌائڻ لاءِ خاص قدم کنيا وڃن. حلال گوشت جي پيداواري ۽ غذائي قيمت ۾ اضافي جي لاءِ لاڳاپيل وفاقي وزارتن ۽ صوبائي حڪومتن جي تعاون سان منظ م مرڪز وقت جي اهم ضرورت آهن. وزيراعظم چيو ته نه رڳو مسلمان ملڪن ۾ پر حلال گوشت جي عالمي مارڪيٽ ۾ به پاڪستان جي برآمدي حصو وڌائڻ جي وڏي گنجائش موجُود آهي. ملڪ ۾ ڪوس گهرن جي عالمي معيارن جي سرٽيفڪيشن ۽ ٻين ملڪن سان ٻطرفي رجسٽريشن ۾ حڪومت هر ممڪن مدد فراهم ڪندي. هن چيو ته حلال گوشت جي برآمد کي وڌائڻ لاءِ بزنس ماڊل کي عالمي سطح تي تسليم ٿيل بهترين طريقن مان فائدو حاصل ڪندي جوڙيو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ملڪ ۾ ڪوس گهرن کي بيمارين کان پاڪ ۽ انهن ۾ عالمي معيار جي صفائي جي انتظامن کي يقيني بڻائڻ لاءِ خاص قدم کنيا وڃن. پاڪستان جي حلال گوشت جي برآمد کي خاص طور تي علائقائي ڏس ۾ وڌائڻ لاءِ هن شعبي جي لاڳت کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. اجلاس ۾ بريفنگ دوران ٻُڌايو ويو ته پاڪستان کي بيمارين کان پاڪ حلال گوشت جي برآمد کي وڌائڻ لاءِ خصوصي زونز ۽ مرڪز قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ حلال گوشت جي ڪل پيداوار 6 ملين ميٽرڪ ٽن آهي ۽ مقامي ضرورتن کي پورو ڪرڻ کانپوءِ به ڪافي مقدار برآمد ڪرڻ جي لاءِ موجود آهي. حلال گوشت جي پيداوار وڌائڻ ۽ عالمي معيار جي پيڪجنگ کي يقيني بڻائڻ لاءِ خاص قدم کنيا پيا وڃن.










