اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري سان چيني ڪمپني شينڊونگ زِنڪسو گروپ جي 5 رڪني وفد ملاقات ڪئي جنهن دوران پورٽ قاسم تي تجويز ڪيل ڪيترن ئي ارب يورو ماليت جي انٽيگريٽڊ ميري ٽائيم انڊسٽريل ڪامپليڪس (آءِ ايم آءِ سي) جي قيام تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت مان جاري بيان موجب گذريل ڏينهن وفد جي قيادت ڪمپني …
سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري سان چيني ڪمپني شينڊونگ زِنڪسو گروپ جي 5 رڪني وفد جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري سان چيني ڪمپني شينڊونگ زِنڪسو گروپ جي 5 رڪني وفد ملاقات ڪئي جنهن دوران پورٽ قاسم تي تجويز ڪيل ڪيترن ئي ارب يورو ماليت جي انٽيگريٽڊ ميري ٽائيم انڊسٽريل ڪامپليڪس (آءِ ايم آءِ سي) جي قيام تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزارت مان جاري بيان موجب گذريل ڏينهن وفد جي قيادت ڪمپني جي چيئرمين هوجين شِن ڪئي. ملاقات ۾ هڪ کان 2 ارب يورو لاگت جي ان ميگا منصوبي جا شروعاتي تفصيل پيش ڪيا ويا، جنهن جو مقصد پاڪستان جي بحري ۽ صنعتي شعبي کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ ۽ بندرگاهي صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ آهي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته تجويز ڪيل آءِ ايم آءِ سي منصوبو ٽن وڏن حصن تي ٻڌل هوندو. ان ۾ آئرن ۽ ڪوئلو برٿ جيٽي (اسٽيل جيٽي) جي بحالي، جهاز سازي ۽ جهاز ٽوڙڻ جي جديد سهولتن جو قيام ۽ بندرگاهي آپريشنز سان ڳنڍيل هڪ اسٽيل مل شامل آهن. آءِ او سي بي کي خاص ڪري پاڪستان اسٽيل ملز لاءِ آئرن ۽ ڪوئلي جي هينڊلنگ لاءِ ڊزائين ڪيو ويو هو، جيڪو 55 هزار کان 75 هزار ڊيڊ ويٽ ٽن تائين جي بحري جهازن کي سنڀالڻ جي صلاحيت رکي ٿي. جيٽي کي اٽڪل 4.5 کان 8 ڪلوميٽر ڊگهي مخصوص ڪنوينر سسٽم ذريعي اسٽيل مل جي اسٽاڪ يارڊز ۽ بلاسٽ فرنسز سان جوڙيو ويو آهي. وفاقي وزير جنيد انوار چوڌري چيني گروپ جي دلچسپي جي آجيان ڪندي وفد کي چيو ته هو منصوبي لاءِ جامع تجويز جمع ڪرائين جنهن ۾ واضح روڊ ميپ، بنيادي خاڪو، عمل جوڳي حڪمت عملي ۽ فني، مالي ۽ ماحولياتي رخن تي ٻڌل فزيبلٽي اسٽيڊيز شامل هجڻ گهرجن. رپورٽ ملڻ کانپوءِ وزارت ۽ شينڊونگ زِنڪسو گروپ جي نمائندن تي ٻڌل هڪ گڏيل ڪميٽي، جنهن جي قيادت ايڊيشنل سيڪريٽري عمر ظفر شيخ ڪندو، تجويز جو تفصيلي جائزو وٺندي. وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته منصوبو روزگار جا موقعا، ويليو ايڊيشن ۽ ماحولياتي طور تي ذميواراڻي ترقي سميت پاڪستان جي پائيدار صنعتي هدفن سان هم آهنگ هجي. وفاقي وزير آءِ ايم آءِ سي جو اعلان پهريون ڀيرو نومبر 2025ع ۾ ڪراچي ۾ پورٽ قاسم اٿارٽي جي هڪ تقريب دوران ڪيو هو. اسٽيل ٽو گرين سي جي نالي سان ان منصوبي تحت جهازن جي ري سائيڪلنگ کي مقامي اسٽيل پيداوار سان جوڙندي امپورٽ تي ڀاڙڻ گهٽ ڪرڻ ۽ ري سائيڪل جوڳي مواد جي وڌ کان وڌ استعمال کي هٿي ڏيڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. منصوبي جي منظوري جي صورت ۾ اها سيڙپڪاري پاڪستان جي بحري ۽ صنعتي شعبن ۾ تازن سالن جي وڏين سيڙپڪارين ۾ ڳڻي ويندي، جنهن سان پورٽ قاسم لي وڏي صنعت ۽ لاجسٽڪس جي علائقائي مرڪز طور وڌيڪ سگهه ملڻ جي اميد آهي.










