اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي آسٽريلين هاءِ ڪميشن جو دورو ڪيو ۽ هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين سان ملاقات ڪئي. جاري بيان موجب ملاقات دوران حافظ طاهر محمود اشرفي آسٽريليا ۾ ٿيل دهشتگردي جي تازي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان آسٽريليا ۾ ٿيل دهشتگردي جي خلاف آسٽريليا جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهي. هن …
پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ طاهر اشرفي پاران آسٽريلين هاءِ ڪميشن جو دورو، دهشتگردي جي تازي واقعي تي افسوس جو اظهار

مزید خبریں
اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان علماءُ ڪائونسل جي چيئرمين حافظ محمد طاهر محمود اشرفي آسٽريلين هاءِ ڪميشن جو دورو ڪيو ۽ هاءِ ڪمشنر ٽموٿي ڪين سان ملاقات ڪئي. جاري بيان موجب ملاقات دوران حافظ طاهر محمود اشرفي آسٽريليا ۾ ٿيل دهشتگردي جي تازي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته پاڪستان آسٽريليا ۾ ٿيل دهشتگردي جي خلاف آسٽريليا جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهي. هن چيو ته پاڪستان پاڻ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردي جو نشانو بڻيل آهي. هن چيو ته اسلام جو دهشتگردي ۽ انتهاپسندي سان ڪو به تعلق ناهي، مذهبي اڳواڻ دهشتگردي خلاف گڏيل فتويٰ جاري ڪري چڪا آهن. هن چيو ته پاڪستان جي حوالي سان هندستان ۽ ڪجهه ٻين ملڪن جي ميڊيا غير ذميواري جو مظاهرو ڪيو، آسٽريليا جي حڪومت طرفان وضاحت تي شڪريو ادا ڪريون ٿا. آسٽريلين هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام مشڪل وقت ۾ آسٽريليا لاءِ جن جذبن جو اظهار ڪيو اهي قدر جوڳا آهن. آسٽريلوي حڪومت ڪنهن به صورت ۾ انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ اسلاموفوبيا کي وڌڻ نه ڏيندي. هن چيو ته بونڊائي بيچ تي فائرنگ ڪندڙ دهشتگرد هندستان جي شهر حيدرآباد کان آسٽريليا آيو هو.










