اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي)ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته صارفين جي اعتماد ۾ سالياني بنيادن تي نمايان بهتري جو رجحان برقرار آهي. گذريل ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري مالي سال جي پهرين ٽه ماهي لاءِ ڊي اينڊ بي پاڪستان ۽ گيلپ پاڪستان جي سروي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ صارفين جي اعتماد ۾ سالياني …
صارفين جي اعتماد ۾ سالياني بنيادن تي نمايان بهتري جو رجحان برقرار آهي: خرم شهزاد

مزید خبریں
اسلام آباد-18 ڊسمبر (اي پي پي)ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته صارفين جي اعتماد ۾ سالياني بنيادن تي نمايان بهتري جو رجحان برقرار آهي. گذريل ڏينهن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جاري مالي سال جي پهرين ٽه ماهي لاءِ ڊي اينڊ بي پاڪستان ۽ گيلپ پاڪستان جي سروي جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ صارفين جي اعتماد ۾ سالياني بنيادن تي نمايان بهتري جو رجحان برقرار آهي، صارفين جي مجموعي اعتماد ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 19 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي جنهن سان گذريل سال جي گهٽ ترين سطح کان واضح بحالي جي تصديق ٿي رهي آهي. سروي موجب مستقبل جي حوالي سان صارفين جي مجموعي اعتماد جو اهڃاڻ مضبوط آهي، فيوچر ڪانفيڊنس انڊيڪس 98.2 پوائنٽس آهي جنهن مان ان ڳالهه جي عڪاسي ٿي رهي آهي ته صارفين مجموعي طور تي حالتن ۾ بگاڙ بدران استحڪام جي اميد ڪري رهيا آهن. سروي موجب 62 سيڪڙو ماڻهن کي اميد آهي ته ايندڙ 6 مهينن ۾ سندن گهريلو مالي صورتحال بهتر ٿيندي يا گهٽ ۾ گهٽ موجوده سطح برقرار رهندي، جنهن سبب گهريلو مالي اهڃاڻ غيرجانبدار سطح کان مٿي آهي، آمدني بابت اميدون به بدستور مثبت رهيون. اٽڪل 63 سيڪڙو جواب ڏيندڙن موجب ايندڙ هڪ سال دوران انهن گهريلو آمدني ۾ اضافو ٿيندو يا اها مستحڪم رهندي، جڏهن ته آمدني جو اهڃاڻ مجموعي طور تي بهترين رجحان جي نشاندهي ڪري رهيو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن مهانگائي ۾ مسلسل گهٽتائي برقرار رهي ۽ روزگار جي حوالي سان ٺوس قدم نظر آيا ته ان سان خاندانن ۾ معاشي صورتحال جي حوالي سان موجوده خوشي کي وڌيڪ مضبوط اعتماد، بهتر بچت جي صلاحيت ۽ ايندڙ دورن ۾ کپت ۾ اضافي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو.










